ڪراچي (نمائندن وٽان) برسات متاثرن تان مصيبتون نه ٽريون، گيسٽرو، مليريا ۽ ٻين بيمارين وگهي 15 ٻارڙن سوڌو 33 ڄڻا فوت، 660 کان وڌيڪ اسپتال داخل، علاج جون سهولتون اڻلڀ، خبر موجب شھدادڪوٽ جي مين موٽروي روڊ تي قائم ٽينٽ سٽي ۾ 8 ورھين جي صفيه مگسي گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي، وارثن لاش رکي ڌرڻو هنيو، ڪڪڙ لڳ ڳوٺ ٻيلو پتڻ ۾4 سالن جو شيراز ولد حاجي گلزار ڀٽو گيسٽرو ۽ بک وگھي فوت ٿي ويو، مٺياڻي ويجهو بچاءُ بند تي ويٺل 2 ٻارڙيون 8 مهينن جي اجيان سولنگي ۽ 9 مهينن جي منيران سولنگي مليريا وگهي فوت ٿي ويون، خانپور مهر جي ڳوٺ ساماڻو گبول ۾ نينگر سجاد گبول ۽ ڳوٺ امام بخش عالماڻي ۾ 6 مھينن جو عدنان عالماڻي مليريا وگھي فوت ٿي ويا، پيرجوڳوٺ  ويجھو ڳوٺ پليجا ۾ معصوم ٻارڙي شرما چنو گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي، گاجي کهاوڙ ڀرسان ڳوٺ کڏھري ۾ 4 ورهين جو حسنين ڏيپر گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، ڀان سيدآباد جي ڳوٺ ننگرخان بروهي ۾ گيسٽرو وگهي 3 ورهين جو شفيع الله بروهي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڳوٺ  ڪوٽ وارا بروهي ۾ هڪ سال جي زربانو بروهي گيسٽرو وگهي دم ڏنو، نئون ڳوٺ ويجهو ڳوٺ ڄام ڇتو ماڇي ۾ 10 ورھين جو نبيل احمد ماڇي گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو، گمبٽ ڀرسان ڳوٺ ڄام جتوئي واسي ٻوڏ متاثر پيرسن محمد مٺل جتوئي مليريا وگهي  ٽينٽ ۾ فوت ٿي ويو، نيوسعيدآباد ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، بکر جمالي ويجھو ڳوٺ جلال چانڊيو جو رھواسي 84 سالا ڦوٽو خان خاصخيلي گيسٽرو سبب فوت ٿي ويو، بڊاڻي ڀرسان ڳوٺ علي اڪبر ڀٽو ۾ گيسٽرو وگهي ٻن مھينن جو عامر ڀٽو فوت ٿي ويو، سيٺارجا ويجھو ڳوٺ لهڻو خان لُنڊ واسي وليداد لُنڊ گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، سيتاروڊ واسي 40 سالا حاجل سولنگي مليريا ۽ ڳوٺ نظام آباد جو ٻوڏ متاثر 45 سالا اڪبر سولنگي بخار ۽ 21 سالا نوجوان امتياز قمبراڻي گيسٽرو سبب موت جو کاڄ بڻجي ويا، ڪولاب جيئل ڀرسان روڊ تي ڪيمپ ھڻي ويٺل ڳوٺ ڍابڍو جتوئي واسي پيرسن  محمد مٺل جتوئي مليريا وگھي فوت ٿي ويو، گپچاڻي ڀرسان ڳوٺ الھڏتو مگسي ۾ 6 مھينن جو نبي بخش مگسي، 2 مھينن جي  ريما ڀيل، 4 مھينن جي حليمه ڀيل ۽ 70 ورهين جو الهورايو مگسي گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا، خانواھڻ واسي آفتاب احمد شيخ، لنڪ روڊ تي قائم ڪيمپ ۾ ترسيل متاثر 17 سالا وسيم علي جوڳي ۽ 60 ورهين پٺاڻي خاتون جوڳي مليريا ۽ گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا، ميرواهه گورچاڻي جي ڳوٺ 32 ميل موري واسي پورهيت هميرو ڪولهي جون ٻه معصوم نياڻيون 5 ورهين جي ڀارتي ۽ 4 ورهين جي گوري گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويون، ٺاروشاهه ويجهو ڳوٺ شفيع محمد سهتو واسي سونو خان سهتو گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، خيرپورناٿن شاھ جي ڳوٺ مٿيان راهوجا جو رهواسي نينگر سمير چانڊيو گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، ٻگهيا محلا جي رهواسڻ 6 ورهين جي شائستا ٻگهيو مليريا وگهي دم ڏنو، شيخ محلا جو رهواسي مظهر شيخ پڻ بيماري سبب فوت ٿي ويو، ٻانڌي ڀرسان ڳوٺ يار محمد جمالي واسي ۽  ٽائون ڪميٽي جو جونئير ڪلارڪ آفتاب احمد جمالي مليريا وگهي نوابشاهه اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، دادو سول اسپتال جي ٻارڙن واري وارڊ ۾ 24 ڪلاڪن دوران فياض گوپانگ، عليشا برهماڻي، فوزيه، ڌياڻي، قربان، جنسار علي، ممتاز، فيروز علي، سائره، نائله، روزينا، رفيق چهواڻ، ساجده، نسيم برهماڻي سميت 200 کان وڌيڪ ٻارڙن کي داخل ڪيو ويو، بيڊ گهٽ هئڻ ڪري هڪ هڪ بيڊ تي 4 کان 5 ٻارڙا داخل ڪيا ويا، هوڏانهن اسپتال جي ميڊيڪل وارڊ ۾ 460 ماڻهن کي گيسٽرو ۽ مليريا سبب داخل ڪيو ويو،