ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ برسات بند نه ٿي، هڪ عورت ۽ نينگر سميت وڌيڪ 5 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي، سوين ڪچا گهر ڊهي پٽ، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ، بجلي جو نظان ڊانوان ڊول، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برسات جو سلسلو 2 ڏينهن تائين جاري رهي سگهي ٿو، خبر موجب ڪراچي ۾ ڪالهه به برسات جو وسڪارو جاري رهيو، صدر، لسٻيلا چوڪ، ناظم آباد، نيو ڪراچي، سرجاڻي ٽائون، گلشن اقبال، گلستان جوهر، سهراب ڳوٺ، اسڪيم 33، ملير، گلشن حديد، ڊفينس، ڪلفٽن، ڪياماڙي ۽ ابراهيم حيدري سميت مختلف علائقن ۾ صبح کان رات دير تائين برسات جو سلسلو جاري رهيو، ملير جا هيٺاهين وارا علائقا ريڙهي ڳوٺ، ابراهيم حيدري  ۽ لٽ بستي وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ برساتي  پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، هوڏانهن ڪياماڙي ضلعي جي ڊي سي سامونڊي پاڻي مين روڊ تائين  اچڻ بعد هاڪس بي گهمڻ لاءِ ايندڙ  شهرين جي اچ وڃ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، گڏاپ ويجهو مير خان گوندر ڳوٺ ۾ هڪ عورت انيسا زال مبين 2 ٻارن سميت پاڻي ۾ لڙھي وئي، ڳوٺاڻن ٻن ٻارن کي بچائي ورتو، ٻئي طرف ملير ندي ۾وهنجڻ دوران ٻڏي ويل نوجوان شاهجهان جو لاش ڪڍيو ويو، ٻئي طرف موسميات کاتي موجب هلندڙ برسات جو وسڪارو ايندڙ ٻن ڏينهن تائين جاري رهندو، خيرپور جي لقمان واري علائقي غازي چوڪ وٽ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب نينگر عثمان، مسمات سلميٰ عرف فريده ۽ رحمت ڪنڀر دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته نينگر ايان ۽ شمائلا زخمي ٿي پيا، پاڙيسرين پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ملبي هيٺان ڪڍيو، هوڏانهن شهر جي ڀرڳڙي پاڙي ۾ گهر جي ديوار ڪرڻ سبب گهٽيءَ مان گذرندڙ چئن ورهين جو زبير شيخ ۽ پورهيت شهمير بروهي زخمي ٿي پيا، ڪنب لڳ ڳوٺ غوث بخش ڄامڙو ۾ تيز برسات سبب ٽن پورهيتن الطاف ڄامڙو، قربان ڄامڙو ۽ ربنواز جا گهر ڊهڻ سبب 50 ورهين جي مسمات شمل خاتون ۽ 6 سالن جي وڪيلان زخمي ٿي پيون، جڏهن ته يوسي ٻاڦو جي ڳوٺ محمد يوسف ڀنڀرو ۾ 5 پورهيتن  نظام الدين ڀنڀرو، مراد علي، عبدلخالق پاتو، غلام مرتضيٰ ۽ ارشاد علي ڀنڀرو جا ڪچا گهر ڊھي پٽ پئجي ويا، رپڙيءَ ڀرسان ڳوٺ جاڙا کوھ ۾ حيدر ڪلھوڙو جي گهر جي ديوار ڪِرڻ سبب 2 ٻڪريون دٻجي مري ويون، ٺري ميرواهه ويجهو ڳوٺ الهداد خاصخيلي ۾ پورهيت خميسو ڀيل جي گهر جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، ميھڙ ۾ دائود مھيسر اسڪول ڀرسان لڳل بجلي جي پول مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ڀلوڙ مينھن مري وئي، جڏهن ته اسڪول ويندڙ شاگردن کي پڻ ڪرنٽ لڳو جنھن سبب اسڪولي ٻارڙن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، نيوسعيدآباد ۽ ڀرپاسي ھيٺياهين وارا علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا، اڏيرولال  اسٽيشن ۾ طوفاني برسات سبب ڪيترائي ڪچا گھر پٽ پئجي ويا، ٽنڊو محمد خان ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، روڊن تي ٻوڏ واري صورتحال سبب شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا، هالا ۾ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جا گهر ڪري پيا، ڦلجي اسٽيشن توڙي ڀرپاسي ۾ برسات سبب ڪيترائي گھر ڊھي پٽ پئجي ويا جڏهن ته ساريالي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، گھوڙاٻاري، ڪيٽي بندر، کاري ڇاڻ ۽ مير پور ساڪرو  جي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ تيز طوفاني برساتن تباھي مچائي ڇڏي، گھارو ۾ برسات سبب گهر ۾ پاڻي داخل ٿيڻ سبب ماڻھو لڏپلاڻ ڪرڻ تي تي مجبور ٿي ويا آهن، ڀٽ شاهه ۾ برسات سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، تلهار جي ڳوٺ حاجي خان جتوئي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت سڪندر مڱڻهار زخمي ٿي پيو، ڏيئي لڳ ڳوٺ حاجي الهڏنو کوسو ۾ برسات سبب ڪکانوان گهر ڊهي پيا، عمرڪوٽ ۾ برسات سبب اڪثر علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن، ڇور روڊ اکيراج لڳ بند ٽٽي پوڻ سبب برساتي پاڻي اوور ٽاپ ڪندي روڊ ڪراس ڪري ويو، جنھن سبب ڳوٺ حيات سومرو، سوڍا پمپ، کيت سنگھه ۽ آس پاس جا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، سٺ ميل ويجهو ڳوٺ محمد ابراھيم لنڊ ۾ تيز برسات دوران وڻ تي وڄ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻي رحيمداد لنڊ جي ڍڳي سڙي مري وئي، ڄام نوازعلي ۽ ڀرپاسي برسات سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، جڏهن ته حادثن ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ميرواهه گورچاڻي ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، جنهن ۾ ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جڏهن ته سم نالا پڻ اٿلي پيا آهن، جنهن ڪري ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، قمبر ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري رهي، جڏهن ته پورهيت معشوق چانڊيو جي گهر جي ڀت ۽ ڳوٺ ڪمال ساريو ۾ پورهيت نظير منگي جي گهر جي ڇت ڪري پئي، حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفاني برسات جو وسڪارو ٿيو، جنهن بعد هيٺاهين وارن علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، حيسڪو ريجن ۾ سيفٽي جو جواز ڄاڻائي 121 فيڊرز بند ڪري ڇڏيا، موسميات کاتي پاران ايندڙ 36 ڪلاڪن دوران حيدرآباد ۾ 200 ملي ميٽر برسات جي وسڪاري جو الرٽ جاري ٿيڻ بعد شهرين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي، سکر ۾ پڻ وقفي وقفي سان برسات جاري رهي، پنجن ڏينھن کان سکر جي مختلف علائقن ۾ برسات بعد بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آهي، لاڙڪاڻي ۾ وقفي وقفي سان برسات سبب شهر جي اڪثر روڊن رستن تي برساتي پاڻي جمع ٿي ويو، شھدادڪوٽ ۽ ڀرپاسي برسات سبب پاڻي بيهجي ويو، سوشل ورڪر نظير سومري جو گهر ڊهي پيو، ڏيپلو ۾ مسلسل پوندڙ برسات سبب شهر جا ھيٺاھين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، ڇاڇرو شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات سبب هيٺياهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، ان کانسواءِ شھدادپور، ٽنڊو آدم، کڏڙو، جهڏو، گپچاڻي، ڄام صاحب، اٺھٺ موري، ملنگ موري، منصور آباد، ڍورونارو، شاهپورچاڪر، کپرو، ورڪشاپ، اسلام ڪوٽ، سجاول جوڻيجو، نندو، نيوسعيدآباد، ڪڍڻ، ٽنڊوباگو، ڪڙيوگهنور، راڄوخاناڻي، ترائي، ٽنڊو غلام علي، ٺٽو، مڪلي، پنگريو،کوسڪي، شادي لارج، ڪڍڻ، ٻھڊمي، نندو، سيراڻي، ڀڳڙا ميمڻ، گمبٽ، بدين، جاتي، ملڪاڻي شريف، ممگارپارڪر، ڪنڌرا، اروڙ، روشن آباد، ٽمونھن، ڪنڊڙي روحل فقير، بلاول ڪانڌڙو، فيض گنج ۽ ٻين هنڌن تي پڻ برسات پئي، هوڏانهن  تعليم کاتي اڄ پرڳڻي جا سمورا سرڪاري ۽ خانگي اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌ ورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي، شهيد بي نظيرجنرل ورسٽي نوابشاهه ۽ زيبسٽ خيرپور ڪيمپس اڄ بند رهنديون، ڪراچي انٽر تعليمي بورڊ اڄوڪا امتحان ملتوي ڪري ڇڏيا آهن، بورڊ جي پڌرائي موجب  آرٽس ريگيولر ۽ پرائيويٽ ۽ خاص اميدوارن جا پيپر ۽ پريڪٽيڪلز امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن، ملتوي ڪيل  پيپر 25 آگسٽ تي ساڳين امتحاني مرڪزن تي ورتا ويندا، هوڏانهن ڊي سي حيدرآباد اڄ ضلعي ۾ ڪاروباري مرڪز  بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي