شھدادپور (ن پ ا) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي چيو آهي ته سنڌ ۾ برسات تباھي مچائي ڇڏي آهي، فصل تباهه آهن، جنهن سبب آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان پھتو آهي، صوبي کي آفت سٽيل قرار ڏئي متاثرن لاءِ امداد ۽ ٻيون سھولتون فراھم ڪيون وڃن، هتي  پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت جي نااھلي سبب ماڻهو گندي پاڻي ۽ مڇرن جي آزار ۾ ورتل آهن، جڏهن ته برسات بعد مختلف بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي، هن چيو ته ڊالر جي اُڏام وارو عمل مفاد پرستي ۽ ناڪام معاشي پاليسين جو نتيجو آهي، هن چيو ته ن ليگ، پ پ، پي ٽي آءِ سميت ملڪ جون تمام پارٽيون اقتدار سان چنبڙيل آهن پر پاڪستان جو عوام سورن ۾ سڙي رھيو آهي، هن چيو ته پ پ 14 سالن کان اقتدار ۾ آهي پر سنڌ جا مارو ماڻهو اڄ به بيروزگار نظر اچن ٿا، ان موقعي تي رفيق منصوري، عبدالغفور انصاري، مجاھد چنا ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا،