ڪراچي (نمائندن وٽان) اسان جي اوليت آھي ته پاڻي ڪڍرايون پاڻي کي رستو ڏيڻو پوندو، روزانو ٻه لک ڪيوسڪ پاڻي درياءَ ۾ نيڪال ٿي رھيو آھي، اڃا ڏيڍ کان ٻه مھينا پاڻي نيڪال ۾ لڳندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن شڪارپور ۾ ٽينٽ سٽي جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو،هن چيو ته ڪوشش آھي ته چيٽ جي فصل کان پھريان پاڻي نيڪال ٿي سگھي ته جيئن ڪڻڪ جو فصل پوکجي سگھجي، ان لاءِ وفاقي حڪومت سان ڳالھايو آھي ته آبادگارن جي ٻج، ڀاڻ، ڪيش پئسا يا ڪريڊٽ جي مدد ڪئي وڃي ته جيئن ھو ايندڙ فصل پوکڻ لائق ٿي سگھن، وڏي وزير چيو ته ھن وقت مليريا، ٽائيفائيڊ ۽ اسڪن جي بيمارين جا اشوز آھن، جنھن کي منھن ڏيڻ لاءِ دنيا کي اپيل ڪئي آھي، ھن وقت اسان کي صرف ساڍا ست ھزار ٽينٽ مليا آھن ۽ سنڌ حڪومت پنھنجي پاران ھزارين ٽينٽ ڏنا آھن، جڏھن ته متاثرن لاءِ پندرنھن لک ٽينٽ جي ضرورت آھي، ھن چيو ته ھو مدد ڪندڙ ملڪن جو ٿورائتو آھي، موسمياتي تبديلي سبب وڏو نقصان ٿيو آھي پر ڪنھن کان خيرات نه پيا گھرون پر اسان اھو پيا چئون ته جن جي ڪري تباھي آئي آھي، اھي اڳتي اچن، ھن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري پنھنجي تقرير ۾ پڻ اھا ڳالهه ڪئي آھي، ھن چيو ته حاليه برسات يارنھن سئو ملي ميٽر پئي آھي جيڪو تمام گھڻو پاڻي آھي ۽ درياءَ جو رائيٽ بينڪ جو پاڻي منڇر ذريعي نيڪال ٿيندو، جيڪا في الحال ڀريل آھي، ھن چيو ته ڪجهه ضلعن مان ڪافي پاڻي نيڪال ٿي چڪو آھي جيڪي متاثر گھرن ڏانھن واپس وڃڻ چاھين پيا انھن کي راشن ۽ ٽينٽ ڏيئي روانو ڪري رھيا آھيون جڏھن ته گھرن، روڊن ء ٻئي نقصان جو سروي جاري آھي، آخري سروي وفاقي حڪومت سان ڪري نقصان جو ازالو ڪنداسين، ٽينٽ سٽي ۾ متاثرن وزير اعلي سنڌ کي درخواست ڪئي ته کين گھر ٺھرائي ڏنا وڃن،جيڪب آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته برسات الله طرفان امتحان آهي، هر هنڌ برساتي پاڻي جي نيڪال ڪرڻ جو مسئلو آهي، ليفٽ بينڪ جي ڊرينيج اسڪيم لاءِ 130 ارب روپين جي ضرورت آهي، سپريم ڪورٽ کي بحريه ٽائون جي پئسا ڏيڻ لاءِ چيو ويو پر اهي پئسا به نه مليا آهن. جيڪب آباد جي برساتي پاڻي جي نيڪال جو جائزو وٺڻ لاءِ بلوچستان طرف وڃي رهيو آهيان، آبپاشي وزير مون سان گڏ آهي جائزو وٺي بلوچستان حڪومت سان ڳالهايو ويندو . سنڌ جي ڪل ايراضيءَ هڪ لک 41 هزار اسڪوائر ڪلو ميٽر آهي 135 کان 140 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي برساتن سبب سنڌ ۾ بيهجي ويو بلوچستان جي پاڻي کان علاوہ به برساتن جو 20 ڀيرا تربيلا ڊيم کان وڌيڪ به وڌيڪ پاڻي سنڌ ۾ آيو آهي.ٺل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو برساتي ٻوڏ ۾ پوري پاڪستان ۾ متاثر ٿيا آهن، پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ  آبپاشي کاتو فيصلو ڪندو ته ڪٿي ڪٽ هڻي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي، ڪنهن به من پسند ٽيسٽ سٽي ۾ ناهيان ويو، مليريا بابت جيڪي فوتگيون ٿيون آهن ان جي جانچ ڪئي ويندي، جيڪي دوائن جي کوٽ آهي ان جي حوالي سان پي پي ايڇ آءِ کي آرڊر ڏئي ڇڏيو آهي،  هن وڌيڪ چيو ته يوٽلٽي اسٽور کي 10 لک راشن بيگ جو آرڊر ڏئي ڇڏيو آهي.