برساتي پاڻي گڏ ڪيئن ڪجي؟

0
183
برساتي پاڻي گڏ ڪيئن ڪجي؟

                         پنھنجي ٿر سميت دنيا جي مختلف ريگستانن ۾ ماڻھو پنھنجي توڙي مال جي پيئڻ لاءِ برسات جو پاڻي صدين کان تراين ۽ ٽوڀن ۾ جمع ڪندا رھيا آھن. ھاڻ اھي ملڪ جتي مينھن گھڻا پون ٿا، اتان جا ماڻھو به برساتي پاڻي ضايع ڪرڻ بدران گڏ ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا. دنيا ۾  برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ واري عمل کي Rain Harvesting چيو ويندو آھي.  ٿر ۾ وسندڙ پاڻي ماڻھو زير زمين ٺھيل ٽانڪين ۾ گڏ ڪن ٿا، جيڪو ھو ڇهه مھينا استعمال ڪندا رھن ٿا، جن ملڪن ۾ گھڻا مينھن پون ٿا، اتان جي ماڻھن به پنھنجي گھر جي ڇتين جي نارن يا نيسارن کي زمين اندر ٺھيل ٽانڪين سان ڳنڍي ڇڏيو آھي ته جيئڻ اھو پاڻي گڏ ڪري گھرن اندر پوکيل باغيچن، ڀاڄين ۽ ٻين ڪمن لاءِ استعمال ڪجي. سرڪار کي پنھنجي بلڊنگ ڊپارٽمينٽ کاتي معرفت سموريون ڪالونيون ۽ عمارتون ٺھرائيندڙن کي پابند ڪرڻ گھرجي ته اھي ٻين فلاحي ڪمن وانگر برساتي پاڻي جمع ڪرڻ لاءِ به رٿابندي ڪن ۽ اسان پاڻ به پنھنجي گھرن، اوطاقن ۽ سم ڪلر کان پاڪ زمينن جو پاڻي گڏ ڪري انيڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگھون ٿا. (فيس بوڪ وال تان ورتل)