پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف انڍڙ ڪالوني جي رهواسين علي گل حسيني، ظفر انڍڙ ،محمد علي ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته گذريل ھڪ ھفتي کان ڪالونيءَ ۾ برساتي ۽ نالين جو گندو پاڻي بيٺل آھي،جنھن ڪري علائقي ۾ مختلف بيمارين ڪر کنيو آھي، گندي  پاڻي جي بدبو سبب جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، شڪايتن باوجود ميونسپل انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.