سامارو (ن پ ا) ساماري ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺ الهڏتو کوسو، سونو خان، متارو  کوسو، زراق خاصخيلي ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين  بلاول کوسو، شيرحمد ڀٽو، سومار کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مٺڙائو ڪئنال جي کاڻي موري ريگيوليٽر وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي متاثرن دانهيندي چيو ته برساتن کي 2 ميهنا ٿي ويا آهن،  اسان جا 40 ڳوٺ ٻڏل آھن، گهر ۾ 8 فوٽن تائين پاڻي بيٺل آھي، ڪنهن به قسم  واهر نه ٿي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته  برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي واهر ڪئي وڃي.