حيدرآباد (بيورو رپورٽ) انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻن چيو آهي ته برساتي ٻوڏ سبب انساني الميا جنم وٺي رهيا آهن جڏهن ته هر طرف تباهي ۽ ماڻهن جي بيوسي توڙي لاچاري نظر اچي رهي آهي. حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي جي ڪري متاثر ماڻهن جا اهنج وڌي ويا آهن. ھيومن رائٽس ڊفينڊرس نيٽورڪ پاران حيدرآباد ۾ ٻوڏ جي متاثرين کي تحفظ فراھم ڪرڻ ۾ شھرين جي ڪردار جي عنوان ھيٺ ويھڪ ۾ ڳالهائيندي ھيومن رائٽس ڊفينڊرس نيٽورڪ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ علي پلھ چيو ته ھاڻوڪين برساتن جي ڪري پيدا ٿيل ٻوڏ واري صورتحال جي نتيجي ۾ انساني الميا جنم وٺي رھيا آھن. ھر طرف تباھي ۽ ماڻھن جي بيوسي توڙي لاچاري نظر اچي رھي آھي. حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي جي ڪري متاثر ماڻھن جا اھنج اڃا به گھڻا وڌي ويا آھن. تباھڪارين کانپوءِ سڀ کان وڏو مسئلو ھاڻي متاثر ماڻھن جي بحالي آھي جيڪو انتھائي ڏکيو مرحلو آھي. ھن چيو ته رليف ڪئمپن ۾ متاثرن کي مڪمل سھولتون نه ڏنيون ويون آهن. عورتون ۽ ٻارڙا غير محفوظ ٿي ويا آھن. مختلف بيمارين متاثرين کي وڪوڙي ڇڏيو آهي ۽ هو پنهنجي گھرن ڏانھن به واپس نٿا وڃي سگھن ڇاڪاڻ ته سندن سڀ ڪجھ ختم ٿي چڪو آھي. چيئرپرسن نزھت شيرين چيو ته ٻوڏ جي تباھين جي نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار متاثر ٿيا آهن ۽ سندن زندگيون ڏاڍيون ڏکيون ٿي پيون آهن. ذوالفقار ھاليپوٽي چيو ته حالتون تمام گھڻيون خراب آھن جنھن جو اندازو به نٿو لڳائي سگھجي. لکين ماڻھن جي بي گھر ٿيڻ سان ايندڙ وقت ۾ صورتحال اڃا به وڌيڪ خراب ٿي سگھي ٿي. عوامي جمھوري پارٽي جي صدر لال شاھ چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ نااھلي سڄي سنڌ کي ٻوڏ جي ور چاڙھي ڇڏيو. 15 سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ جماعت سنڌ جي ماڻھن کي بنيادي اسٽرڪچر به نه ڏئي سگھي آھي. برساتي ٻوڏ ۽ اسٽريڪچر نه ٺهڻ جي ڪري سڄي سنڌ کنڊر بڻجي وئي آھي. ماڻهو ننڌڻڪا ٿي مري رھيا آھن. ويهڪ ۾ ماروي اعواڻ، روبينا چانڊيو، پشپا ڪماري، ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش، قرت العين ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ڪئمپن ۾ ترسيل متاثرن جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي بنا دير سندن بحالي وارو ڪم ڪرڻ گھرجي.