ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  سنڌ حڪومت پاران برسات متاثرن جي امداد ۽ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ 11 رڪني پارلياماني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي.  ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري جي سربراهي ۾ قائم ڪيل پارلياماني ڪاميٽي ۾ اويس قادر شاھ،  گهنور اسراڻ،  مجيب الحق،  شهريار شر،  سيد امير حيدر شاهه،  ممتاز علي،  نسيم،  عبدالجبار،  رعنا انصار ۽ ٻيا شامل آهن.  واضح رهي ته ڪاميٽي پاران برساتن دوران صوبي ۾ ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائي رپورٽ وڏي وزير حوالي ڪئي ويندي.