ڪوئيٽا (م ڊ) آڳاٽي چوماسي جي برساتن جي سلسلي ۾ مينهن وسائڻ وارو نئون سسٽم بلوچستان ۾ داخل ٿي ويو  آهي. موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موجود مينهن وسائڻ وارو سسٽم بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ 20 جون تائين سبي، بولان، نصير آباد، جهل مگسي، مستونگ، بارکان، زيارت، زوب، قلات، ڪوئيٽا، خضدار، چمن ۽ هرنائي ۾ برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمنشرز کي برساتن دوران ضروري عملي کي تيار رکڻ جي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.