ڏوڪري (رپورٽ: راجا ٻڳهيو) ڏوڪري برسات جي تباهي کي 5 مهينا گذري ويا، قديم ماڳ بچائڻ لاءِ جامع نموني ڪم شروع نه ٿي سگهيو، تهذيبي آثارن جي ڀتين جي پاڙن کان حصا ڊهي پٽ پوڻ لڳا آهن. يونيسڪو جي ماهرن جي هدايتن باوجود نوادرات کاتي بنيادي مرمتي ڪم شروع نه ڪيو، ڊي ڪي نارٿ ۾ هڪ قديم ڀت جو 3 فوٽ حصو ڊهي پٽ پئجي ويو، ڪيترين ئي قديم ڀتين کي ڏار پئجي ويا آهن. ڊي ڪي ايريا، ڊي ڪي نارٿ، ايڇ آر ايريا ۾ قديم ڀتيون ڪنهن به وقت ڊهي پٽ پوڻ جو امڪان آهي. منير ايريا ۾ قديم ڀتيون ڊهي ڍير ٿي ويون، ڊي ڪي ايريا ۾ برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ٺهندڙ نالي ۾ ڪلر سان ڀريل سِرون استعمال ٿيڻ لڳيون، آثارن کي نقصان جو خدشو آهي. موهن جو دڙو انتظاميا طرفان سيکڙاٽ ڪاريگرن ذريعي ڪچيون سرون تيار ڪرائڻ سبب سرون گهربل ڪوالٽي ڏئي نه سگهيون، سرن ۾ استعمال ٿيندڙ مٽي کي ڇاڻڻ کان سواءِ استعمال ڪرڻ سبب مٽي جو گند ڪچرو به شامل آهي، سرن کي ڪلر لڳڻ شروع ٿي ويو، ناقص مٽيريل سبب آثارن کي بچائڻ بدران نقصان ٿيڻ جا امڪان آهن. برسات سبب متاثر ٿيل آثارن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ يونيسڪو جي ماهر تجويزون به ڏنيون هيون.