برباد سنڌ جي جياپي جو سوال

0
215
برباد-سنڌ-جي-جياپي-جو-سوال

سنڌ پنهنجي پوري تاريخ جي بدترين بربادي جي الميي مان گذري رهي آهي انهيءَ بربادي جي ڪارڻن تي جيترو بحث ۽ پيڙا جو اظهار ڪيو ٿو وڃي اهو لازمي ڪرڻ گھرجي نه رڳو حال ۾ پر ايندڙ وقت ۾ به اهو بحث ۽ درد اظهار ٿيندو رهندو، انهيءَ جا قدرتي پهلو رياستي ۽ انتظامي رخ عوام سان همدرديون، نفرتون ۽ بي حسيون سنڌ جي تاريخ جو حصو ٿيندي قلم بند ٿي رهيو آهي نه رڳو هن برساتي ٻوڏ جي تاريخ لکي ويندي پر عوام جي بري حالت به اسان جي بحثن جو موضوع رهندو. اڳتي هلي اهو درد ۽ پيڙا تاريخ سان گڏوگڏ فڪشن جو حصو به ٿيندو ته ايندڙ نسل اسان جي دور کي جڏهن پڙهندو ڊيجيٽل ۽ اليڪٽرانڪ تاريخ کي ڏسندو ۽ ٻڌندو تڏهن اهو به اسان جي هن بربادي تي سوچيندي تجزيا ڪندو ۽ بحث ڪندو ته اسان هي درد جو سفر ڪيئن ڪٽيو ۽ ڇو ڪٽيو؟ انهيءَ ۾ قدرت جون ستم ظريفيون ڪيتريون آهن ۽ اسان جون لاپرواهيون، استحصال ڪرپٽ ڪردار ۽ ڪرپشن جو ڪيترو ڏوھھ ۽ گناھھ رهيو، ان ايندڙ وقتن تي ته ايندڙ وقت جو نسل ئي بحث ڪندو پر پنهنجي اڳيان هاڻي ان حالتن تي سوچڻ سان گڏوگڏ پنهنجي اڳيان بنيادي سوال اهو آهي ته نئين سر جياپي جو سفر ڪيئن ڪجي ۽ ڪٿان ڪجي؟

پر انهيءَ جي لاءِ اسان کي خود پنهنجي پاڻ کان اهوئي سوال ڪرڻو آهي ته اسان نئين سفر جو بحث ۽ آغاز ڪندي ڪٿي ايئن ته نٿا ڪريون جو پراڻن رستن تي هلندي ۽ پنهنجي پاڻ کي نئين سفر جو مسافر چوندي هڪ ٻي سنگين غلطي ڪندي پنهنجو پاڻ کي وري هڪ نئين يوٽوپيا ۾ ڌڪي رهيا هجون.  هن وقت باربار اهو دهرايو ٿو وڃي ته سنڌ ۾ هي خوفناڪ برسات ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻ تي وڌيڪ پئي آهي ۽ ان برساتي ٻوڏ سنڌ کي ان ڪري به برباد ڪيو جو پوري پاڪستان جو برساتي ٻوڏ جو نيڪر سنڌ جي سمنڊ جي طرف اچي ٿو .هڪ طرف ته سنڌ ۾ معمول جي پوندڙ برسات 100 کان 150 ملي ميٽر کان وڌيڪ هزار يارنهن ملي ميٽر تي ريڪارڊ برساتون پيون ۽ ٻيو پوري پاڪستان جو برساتي ٻوڏ جي پاڻي جو دٻاءُ سنڌو درياءَ ۽ منڇر تي ڪريو. ان حقيقت کان ته ڪنهن کي به انڪار ناهي ۽ اسان جو وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاھھ ٻوڏ تي ڳالهائيندي سڀ کان پهريان اهوئي ڏهوڻ ۽ يارهوڻ جو ذڪر ۽ ورجاءُ ڪندي بعد ۾ پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ بي وسي تي ڳالهائي ٿو. اميدن جا جيڪي به انڊيڪيٽر ٻڌايا ٿا وڃن پاڻ حڪومتي فطرت جي مزاج کان پوري طرح واقف آهيون، هن ملڪ جو عوام ۽ خاص ڪري سنڌ جو عوام به ٺيڪ طرح سان سمجھي ٿو ليڪن ان سوال کان پوءِ هڪ ٻيو سوال جيڪو پڇيو ئي نٿو وڃي يا تمام گھٽ نالي ماتر زير بحث اچي ٿو اهو هي ته ماضي جي ڀيٽ ۾ ته ڏهوڻ تي برسات پئي آهي پر اسان يعني هن دور جو انسان تاريخ جي سفر ۾ سئوڻ تي نه پر هزارين دفعا وڌيڪ ماضيءَ کان ترقي جون منزلون طئي ڪندي گذري پيو. جيڪڏهن ڏهوڻ جي برسات کي انساني ترقي ۽ جدت جي ماپن سان ماپجي ته اها نوي سيڪڙو گھٽ نظر ايندي ۽ جي اسان يعني سنڌ صرف پنهنجي پاڻي جي نيڪال ۾ انهيءَ تي 20 سيڪڙو به عمل ڪري ها ته هي برسات جو بيٺل پاڻي لمحن ۾ نڪري وڃي ها ۽ پوري سنڌ بربادي جي ۽ آفتن جي عذابن مان نه گذري ها. جديد سائنس ۾ هاڻي اهو بحث ڪيترو ننڍڙو ۽ بيڪار آهي ته اسان کي پهريان خبر نه هئي سنڌ جا حڪمران ۽ پ پ پ جا ليڊر انهن سڀني ايندڙ مصيبتن جي امڪانن کان غافل نه هئا پر انهن جي سوچڻ ۽ حڪمراني ڪرڻ جي مزاج ۽ ايجنڊا ۾ اهو شامل ئي ناهي ته هن برباديءَ جو عذاب به عوام ڀوڳيندو. اها ڪيتري تڪليف ۽ مصيبت هوندي جو هن وقت به سنڌ حڪومت جي اندر ڪيترائي مشير ۽ وزير هن عذاب ۽ ذلت کي تماشي جيان انجوائي پيا ڪن ۽ پوري ڪوشش پيا ڪن ته ماڻهن جي بربادي کي پنهنجي ووٽ بينڪ ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان قائم رکجي. سنڌ حڪومت جي طرفان جيڪا عوام کي مدد يا امداد ڏني ٿي وڃي ڏيندڙ عوام کي ذليل ۽ خوار ڪندي باربار اهو ئي ٿا جتائن ته هي اوهان کي پ پ پ جي طرفان امداد ڏني ٿي وڃي، ايندڙ اليڪشن ۾ توهان اسان جي نمائندن  کي ووٽ ڏجئو يا جيڪي چونڊيل ايم پي اي ۽ ايم اين اي نام نهاد ليڊر گھمندا ٿا وتن اهي ڏکويل ماڻهن کي اهوئي پيا باور ڪرائن ته اسان جي سخاوت مان توهان فيضياب ٿي رهيا آهيو. عوام کي ميڊيا مان جيڪو تاثر شڪوا شڪايتن جو ملي پيو يا حڪومت تي جيڪا تنقيد ٿئي پئي وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت پنهنجي حڪومتي ۽ سياسي اتحاد ۾ 25 هزارن جو پيڪيج ۽ لالي پاپ ته دهرائن پيا پر ميڊيا ان نقطي تي بحث نه پئي ڪري ته هن ملڪ جو عوام پنهنجي رت پگھر جي پورهئي مان وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي ڪيترو ٽيڪس ڏئي پيو. هڪ فرد کي ساليانو ڏيندڙ ٽيڪس جو کيس مصيبتن ۾ 10 سيڪڙو به واپس نٿو ٿئي نه رڳو ٽيڪس جو استحصال ٿئي ٿو پر انهيءَ کان وڌيڪ خود مزدور ، هاري ۽ وچولي طبقي جي پورهئي جو استحصال ٻيڻ کان ٽيڻ تائين ٿئي پيو انهيءَ جو هن ملڪ ۾ ۽ استحصالي سماج ۾ ته ڪو حساب ڪتاب آهي ئي نه ۽ نه ڪيو ويندو ۽ نه بحث ۾ ايندو، ها باربار ورجاءُ اهوئي ٿيندو ته ماڻهن کي حڪومت جي طرفان ڪيتري مدد ڪئي وئي.

هن بري وقت ۾ به اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ٻاهرين ملندڙ امداد جا انگ اکر ٻڌائڻ کان لنوائي رهيا آهن ۽ نه وري سنڌ حڪومت اهو ٻڌائي ٿي ته کيس عالمي سطح تي ڪيتري مدد ملي ۽ اها ڪهڙن ذريعن سان ڪيستائين پهتي. پاڻ هن بري ۽ گندي انتظامي ڍانچي ۾ رهندي ڪرپشن جو ۽ بري انتظاميا جو جيترو به ورجاءُ ڪريون ٿا اهو سنڌ حڪومت جي جاگيرداراڻي نظام جي مٿان بي اثر  ٿي گذريو ٿو وڃي، تنهن ڪري هن بربادي جي دور ۾ اهو ٺيڪ طرح سان اسان جي اڳيان اچي چڪو آهي ته هن موجوده سياسي اسٽيٽسڪو ۾ يعني جاگيرداري ، ڀوتارڪي ، پيري ۽ وڏيرڪي سياست جي اندر عوام جي عزت ۽ احساس ڪيترو آهي. انهيءَ کي وڌيڪ بيان ڪرڻ يا تجزيي ڪرڻ جي بجاءِ پوري سنڌ ۾ صاف ۽ چٽو ڏسي سگھون ٿا نه رڳو اسان پر پوري دنيا جا ماهر يا اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل سنڌ جي بربادي ۽ حڪمرانن جا چهرا رويا انتظامي ڪردار ڏسي چڪا آهن ۽ سڀئي اهو سمجھن پيا ته هن بربادي کان ٿيندڙ تعمير ڪهڙي ۽ ڪيئن هوندي ۽ اهي لامارا ڏيندڙ ڪمزور ۽ نٻل سنڌ تي ڪهڙا وار ڪندا؟ نئين سنڌ جي تعمير انهن جي لاءِ ڇا معنيٰ رکي ٿي؟ اسان جا دانشور جڏهن موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندي مايوسين جي ڪيفيت مان گذرندي وري به هڪ بهتري جي اميد اها رکي رهيا آهن ته هن بري بربادي کان پوءِ هي ڀوتارڪو مزاج پنهنجي اندر انساني همدردي ۽ اخلاقي قدر بلند ڪندي سٺي حڪمراني جي طرف وڌي سگھي ٿو، جو اسان جي سنڌ جي دانشور نصير ميمڻ “پنهنجي اخبار” جي 27 سيپٽمبر واري شماري ۾ اهڙي هڪ تجويز پنهنجي مضمون “هڪ بهتر سنڌ جي اڏاوت جو موقعو ” ۾ ڏيندي حڪمرانن کي جيڪي تجويزون ڏنيون آهن انهيءَ مان ڪنهن تي به پاڻ کي اختلاف ناهي پر مجموعي بحث جي نقطي تي اختلاف هي آھي ته نصير ميمڻ هڪ دفعو وري انهن مان اها اميد رکي پيو جن سنڌ برباد ڪئي آهي. اهو سمورو بحث ۽ تجويزون انهن حڪمرانن کي ڏيڻ جي بجاءِ هاڻي بحث هي ٿيڻ گھرجي ته نئين سنڌ جي تعمير جي لاءِ جيستائين عوام جي طاقت کي سنڌ جي شعور کي منظم نه ڪيو ويندو ان وقت تائين سنڌ جي اها تعمير ٿي نٿي سگھي جيڪا پنهنجي مستقبل جو مضبوط سفر ڪري. هي ڪکاوان گھر ۽ خيراتي ٻاچڪا سنڌ کي لوڙيندا ۽ برباد ڪندا. نئين سنڌ جي تعمير جي لاءِ لازمي آهي ته هڪ مضبوط عوام جي سياسي سگھھ آرگنائيز ڪجي ته عوام پاڻ پنهنجي طاقت سان پنهنجي وسيلن جو استعمال ڪري پاڻ کي بربادي کان ٻاهر ڪڍي ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي وطن جي تعمير نو ڪري انهي عمل ۽ سفر کان سواءِ سنڌ جي تعمير ڪنهن به صورت ٿيندي ممڪن نظر نٿي اچي. سنڌ جي تعمير جو سوال اسان جي اڳيان صرف گھرن جي  مدد جي دائرن ۾ ڦرندي نظر ايندڙ سوال ناهي پر هڪ مستقبل جي سفر جوهڪ ڪتب نما آهي جيڪو عظيم سنڌ جي منزل جو رخ متين ڪندو.