سنڌ تاريخ جي هڪ دردناڪ الميي مان رڳو نه پئي گذري پر هڪ اهڙي دور مان گذري پئي جنهن ۾ هر ڏينهن ان جي تڪليفن ۾ واڌارو ٿو آڻي نه رڳو واڌارو پر تسلسل سان ذلت، هڪ ٻئي پٺيان ذلتن جا حملا، هي عظيم تاريخ جي وارث قوم بري حال ۾ رهندي مستقبل هن جو خوفناڪ بربادي جو عڪس پيش پيو ڪري. سنڌ جو الميو هي آهي ته هن قوم جنهن پارٽي جي ليڊر تي فخر ڪندي پنهنجي سياسي وک وڌائي ۽ انهيءَ جي لاءِ جيڪا قرباني ڏني ان جي شهادت کان پوءِ پنهنجو سياسي تسلسل انهيءَ پارٽي سان جوڙي رکيو، ايتري حد تائين جو بدترين ضيائي آمريت جي دور ۾ سنڌ جو هر شهر ۽ ڳوٺ رت ۾ رنگجي ويو، ڪوڙا کاڌا تڪليفون برداشت ڪيون، ڪيترن ئي ڪونڌرن جا لاش فخر سان کڻندي مٽي ماءُ جي حوالي ڪيا. اها پوري جدوجهد رڳو آمريت کي چئلينج نه هو پر پنهنجو هڪ عهد وفا به هو، انهيءَ عهد وفا ۾ سنڌ جي ماڻهن جيڪا به قرباني پئي ڏني ان قرباني ۾ هڪ اميد به هئي ۽ اها اميد ته اسان جو حال ۽ مستقبل اهائي سياسي پارٽي بهتر کان بهتر ڪندي ۽ اسان جي تعمير اهڙي ٿيندي جنهن ۾ اسان مستقبل جي فخريا ۽ ترقي يافته دور ۾ داخل ٿينداسين.  تڏهن هنن اهو سوچيو به نه هو ته جنهن پارٽي کي هنن پنهنجو اعتماد ڏنو آهي ۽ پنهنجو رت وهايو آهي اها پارٽي انهن جي لاءِ ڪجھه سوچيندي ته نه پر بدترين بربادي کان پوءِ انهن کي آٿت سهارو ۽ عوام جي ٻانهن ٻيلي ٿيڻ جي بجاءِ هڪ اهڙو ڪردار ادا ڪندي جنهن جي لاءِ انهن ڪڏهن سوچيو به نه هو. سنڌ جي عوام کي اهو پورو پورو يقين رهندو آيو آهي ته ڀلي مرڪزي سطح تي يا پارٽي جي اندر بي رحم ڀوتارن کي شامل ڪيو وڃي پر پارٽي جي قيادت انهن جي اهنجن کي ڪڏهن به نظر انداز نه ٿي ڪري سگھي نه ڪندي ليڪن برساتي ٻوڏ جي بربادين کان پوءِ هنن جي تڪليفن ۾ تڏهن وڌيڪ اذيت پيدا ٿي ٿئي ته هڪ ڊگھي عرصي واري وابستگي واري پارٽي هڪ اهڙو ڪردار ادا ڪندي جو بي رحم ۽ خود غرض بادشاهت به نه ڪري. هن برسات جي بربادي جيڪي لوڙهيا جيڪي ماريا ۽ جن کي دربدر ڪيو اهو ته ڪيو ئي پر انهن جي بحالي  جيڪا سنڌ حڪومت ۽ وفاقي اتحادي حڪومت جي مدد کان وڌيڪ عالمي دنيا جي سهڪار سان ڪئي پئي وڃي انهيءَ ۾ به هڪ اهڙو بي رحم ۽ خود غرضانه انداز اپنايو ويو آهي ۽ هڪ اهڙي واضح حڪمتِ عملي حڪومت جي طرفان اپنائي وئي آهي ته نه عوام کي اها ڄاڻ آهي هنن جي بحالي لاءِ دنيا ڪيتري مدد ڪئي آهي نه انهن کي اها ڄاڻ آهي ته جيڪا بحالي جي سروي ٿي انهن جا نالا امدادي لسٽ ۾ شامل به ڪيا ويا آهن يا فوٽو سيشن ڪندي ۽ نالا لکندي عوام کي نفسياتي دولاٻو ڏنو ويو آهي. هن وقت تائين سنڌ حڪومت جي پاران سروي جا ڪي به انگ اکر تفصيل سان نالن سان فوٽن سان ڪنهن به ويب سائيٽ تي ناهن ڏنا ويا. ضلعن ۽ تعلقن جي روينيو آفيسن مان ڪنهن کي ڪا معلومات نٿي ڏني وڃي بس چپ چاپ ۽ خاموشي سان صرف حڪومت جا ترجمان ۽ پ پ پ جا ايم پي ايز ، ايم اين ايز يا وزير اهوئي آسرو پيا ڏين ته عوام جي گھرن جي بحالي جو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو.

ڪڏهن ڪنسٽرڪشن جي ڪمپني جو ذڪر ٿو ڪيو وڃي ته ڪڏهن ڪهڙو لالي پاپ. عوام جي گھرن جي بربادي کي تقريبن چار مهينا گذري چڪا آهن مٿان اتر جون اوتون سياري جا سيءَ شروع ٿيندي غريب عوام پنهنجي انگن ڍڪڻ ۾ پورو آهي. متاثر بحالي جي آسري تي ولهه ۾ پيا آهن پر جيڪڏهن ڪو مجبور ٿي پنهنجو ڀڳل ٽٽل گھر جوڙڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ته کيس اهائي اڻ تڻ آهي ته جي جھڳو ٿورو به ٺهي ويو ۽ رهڻ جي قابل ٿي ويو ته حڪمران ڀوتار ۽ ڪامورا هن جي بحالي جي امداد کي ايئن هڙپ ڪري ڇڏيندا جيئن واڳون جي وات ۾ ڪا ننڍڙي مڇي اچي وڃي ۽ جنهن کي هو ڳيت کان سواءِ ڳهي سگھي. عوام اهو سوال باربار ۽ هرهڪ کان ڪري ٿو ته آخر ڪهڙو سبب آهي جو ماڻهن کي بحالي جي رقم نه ٿي ملي يا مدد نه ٿي ڪئي وڃي. ڇا سنڌ جو عوام تڙپي تڙپي جڏهن پنهنجي جياپي جا جهڳا اڌو گابرا جوڙيندو ۽ پوءِ حڪومت جي ڪمپني سرڪار ڪجھه متاثر علائقن جي ڪجھه حصن ۾ ڪجھه گھر جوڙائي ۽ پوءِ عالمي دنيا جي اکين ۾ اهو منتر شوڪارڻ جي ڪوشش ڪندا ته اسان عوام کي بحال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪم نه رڳو شروع ڪيو آهي پر پايه تڪميل تائين به پهچايو آهي. جن ماڻهن جا گھر برباد ٿيا آهن انهن کي سڌي امداد ڇو نٿي ڏني وڃي ڇا حڪومت اهو سمجھي ٿي ته هي ماڻهو امداد وٺڻ کان پوءِ اها پيسا گھر ٺاهڻ جي بجاءِ اڏائي کپائي ڇڏيندا، پنهنجي اولاد ۽ ان جي مستقبل جي لاءِ هو بيحس  ۽ لاپرواھه ٿيندا. جيڪڏهن تڪبري ڀوتارن ۽ حڪومتي ماهر نفسيات وزيرن جي اها تنقيد اسان تسليم به ڪيون ته انهن کي پبلڪ جا نالا يا انهن جي نمبرن تي انهن کي ميسج ڪري انهن کي آگاھه ڇو نٿو ڪيو وڃي ته اوهان جي رجسٽريشن ڪئي وئي آهي هن طريقي سان توهان کي رقم ملندي يا توهان کي گھر ٺهرائي ڏنا ويندا. هڪ گونگي پاڻي واري خاموش حڪمتِ عملي ٻڌائي پئي ته عوام جي نالي تي مليل رقم کي هڙپ ڪرڻ جا ڪهڙا طور طريقا اختيار ڪرڻ جا رستا ڳوليا پيا وڃن. وقت گذرڻ سان هاڻي ته اهو يقين ٿيندو پيو وڃي ته عوام جي بحالي جو مسئلو وڌ کان وڌ هر روز الجھندو ۽ سواليا بڻجندو ٿو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت جي ان تڪبراڻي روين کي ڏسندي آخر ڇا ڪجي ۽ نيٺ ڇا ڪرڻ جو سوال هر سوچيندڙ جي اڳيان باربار اڀري ٿو اچي ۽ پوءِ هڪ وري ٻي اميد عوام ۾ اها پئي پيدا ٿئي ته هنن جي بحالي جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ملڪي سياست جي ڪا نه ڪا ڌارا اڳتي وڌندي ۽ جي نه به وڌي ته سنڌ جا قوم پرست ۽ عوام دوست پارٽيون ، گروپ ۽ ڌڙا لازمي اڳتي وڌندا ۽ بحالي جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ تحريڪ آرگنائيز ڪندا. انهيءَ تحريڪ ۾ متاثر عوام کي پاڻ سان جوڙي هڪ طرف احتجاج کي آرگنائيز ڪندا ته ٻئي طرف قانون جا رستا اختيار ڪندي عوامي حق جي لاءِ دٻاءُ وڌائيندا ۽ گڏوگڏ عالمي سطح تي اهو آواز اٿاريندا ته عوام کي مليل امداد ڇو ڪو نه ٿي ڏني وڃي. ڀلي ڪا سياسي جماعت يا گروپ اهو سمجھي ته هن کي گھڻي جدوجهد کان پوءِ ٿوري موٽ ملندي ڏکايل بکايل دربدر ٿيندي ماڻهو هنن جي جدوجهد ۾ وڏو ساٿ نه ڏيندا انهن امڪاني خوف کان ٻاهر نڪري جدوجهد ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته پوءِ ان تي بحث ۽ راءِ ڏئي سگھبي پر جدوجهد جي تاريخ اسان کي ٻڌائي ته جدوجهد ئي مايوسين کي ختم ڪندي آهي ۽ حقن جي حاصلات جي جدوجهد عوام کي نئين کان نئين سياسي فڪر ۽ ڌارا ۾ جوڙڻ جو رستو ڏيندي، پر سوال وري واپس اهو ٿو اچي ته حڪومت جي خاموشي ته سمجھه ۾ اچي ٿي پر عوام دوست پارٽين جي خاموشي وڌيڪ سوالن کي جنم ٿي ڏئي. ڇا اخباري بيان ۽ ميڊيا جون تنقيدون برباد سنڌ جي بحالي ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگھنديون؟ يقينن تمام عوام دوست سياست جا ڌڙا ۽ پارٽيون ان حقيقت کي پوري گھرائي سان سمجھن پيون، ليڪن عملي جدوجهد ۾ اڳتي نه وڌڻ جا صرف ٻه سبب ئي ٿي سگھن ٿا، هڪ سهل پسندي ۽ ٻيو حڪمرانن سان رعايتي ۽ رعايا ڪرائڻ وارو رويو. جيئن ڪامريڊ لينن چيو هو “ جدوجهد کان جڏهن ڪو عقلمند ۽ سياسي ماڻهو لنوائي ٿو ٽال مٽول کان ڪم ٿو وٺي ته يقينن هي سمجھڻ گهرجي ته اهڙو ماڻهو يا اهڙا فرد بيوقوف آهن يا وري عوام جا غدار” پاڻ سنڌ دوست سياست  ڪندڙ ڌڙن کي نه بيوقوف ٿا سمجھون نه غدار پر انهن جي سهل پسندي انهن کي تاريخ جي اهڙي دور ۾ پهچائيندي جتي هو انهن الزامن کان بچي نه سگھندا. سنڌ کي پنهنجي بربادي کان ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ هڪ تمام وڏي سياسي تحريڪ جو ضرورت آهي جيڪڏهن اها نه وڌي ته تاريخ جو هڪ وڏو نقصان ٿيندو ۽ سنڌ پنهنجو سياسي قبلو تبديل نه ڪندي. تنهن ڪري اهو ضروري ۽ اڻ ٽر آهي ته سنڌ جو عوام دوست سياستدان ۽ سنڌ جو شعور مفروضن ۽ خلفشارن کان ٻاهر نڪري تاريخ جو فرض ادا ڪري.