ڪراچي(دلچسپ نيوز) اسان هيستائين ڪوراڙون ۽ ازدها رڳو فلمن يا چڙيا گهرن ۾ ڏٺا آهن پر اهڙو خوفناڪ جانور جيڪڏهن ڪنهن روڊ تي اچي وڃي ۽ توهان جي اکين آڏو گذري وڃي ته سوچيو ته ڇا ٿيندو؟ تازو ئي برازيل ۾ هڪ روڊ تي رڪارڊ ڪيل واقعي سوشل ميڊيا تي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته 10 فٽ ڊگهي ڪوراڙ يا ازدها روڊ تي وڃي رهيو آهي ۽ روڊ تان گذرندڙ ماڻهن ان کي ڏسي گاڏيون روڪي ڇڏيون ته جيئن هو حفاظت سان گذري وڃي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ماڻهو پري تائين ازدها سان گڏ سيلفيون ٺاهي ۽ وڊيو ڀري رهيا آهن. ڪوراڙ آرام سان روڊ پار ڪري جهنگ ۾ هليو ويو. جنهن بعد ماڻهو به پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿي ويا.