بدين(رپورٽ : شفيع جوڻيجو)  مڪاني ادارن جي اليڪشن ۾ ميونسپل ڪاميٽي بدين جي چوڏنھن وارڊن مان غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن تحت پيپلز پارٽي جا اميدوار 14وارڊن مان 12 وارڊ ٻھاري ويا, جڏھن ته باقي 2 وارڊن  تي پي پي  مخالف پي ٽي آء ۽ جي ڊي اي جا هڪ هڪ اميدوار  ڪامياب ٿيا.بدين ميونسيپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 1 تان پي ٽي آء جو اميدوار شاھجھان خاصخيلي 556 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ،مخالف پي پي اميدوار الھورايو سومرو 502 ووٽ کڻي سگھيو, وارڊ نمبر 2 تان جي ڊي اي اميدوار مدثر خاصخيلي 516 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو  ۽ پي پي اميدوار آپا حميده خاصخيلي 425  ووٽ کڻي سگھي,وارڊ نمبر 3 تي پي پي جو الھڏنو عرف پوڙھو لغاري 615 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو,جڏھن ته مخالف ايس يو پي اميدوار دانش نور سومرو 402 کڻي سگھيو,وارڊ نمبر 4 تي پي پي جو سليمان سومرو 888 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو مخالف جي ڊي اي جو اميدوار رزاق سومرو 768 ووٽ کڻي سگھيو ، وارڊ نمبر 5 تان پي پي اميدوار گلزار ميمڻ 782 ووٽ کڻي ڪامياب رھيو ،مخالف آزاد اميدوار محمد رحيم اڊيجو 724 ووٽ کڻي سگھيو ، وارڊ نمبر 6 تان پي پي جو يعقوب سومرو 1186 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏنھن ته مخالف آزاد اميدوار معين الدين سومرو 757 ووٽ کڻي سگھيو, وارڊ 7 تان پي پي جو اميدوار رئيس عاشق علي گوپانگ 763 ووٽ  کڻي ڪامياب ٿي ويو، وارڊ  8 تي پي پي جو طارق آفتاب ھاشماڻي 689 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ، وارڊ 9 تان پي پي جي فتح محمد گوپانگ 408 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ،وارڊ 10 تان پي پي جو پي پي جو اميدوار مبارڪ سومرو 661 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو، وارڊ 11 تان پي پي جو پير محمد صالح قريشي 1552ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ، وارڊ نمبر 12  تان پي پي اميدوار وڏيروعلي شير جوڻيجو 797ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو . وارڊ نمبر 13 تان پي پي اميدوار نور محمد ملاح  996  ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ وارڊ نمبر 14 تان پي پي جو علي اڪبر ميمڻ 819 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي.