بدين ۾  ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ الله والا چوڪ کان ايوان صحافت تائين احتجاجي ريلي

0
175
بدين ۾  ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ

بدين (رپورٽر) بدين ۾  ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ الله والا چوڪ کان ايوان صحافت تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پاران شرڪت ڪئي وئي

ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ زين شاهه ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته برساتي تباهين کي چار مهينا گذري ويا آهن، پر سڄي سنڌ اندر متاثر دربدر آهن

ايس يو پي اڳواڻ زين شاھ موجب مٿان ٿڌ به اچي وئي آهي، پر انتظاميا سندن ڪا به واهر ناهي ڪئي، ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ تائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو