بدين (رپورٽر ) اليڪشن ڪميشن پاران مڪاني چونڊون 15جنوري تي ڪرائڻ جي اعلان ڪرڻ باوجود ضلعي بدين ۾ ڪٿي به اليڪشن سرگرميون نظر نه اچي سگهيون آهن، گذريل سال مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ کان پوءِ مختلف يونين ڪائونسلن، ٽائون ۽ وارڊن تان بيٺل اميدوار اڃان تائين ڪٿي به نظر نه اچڻ ڪري ووٽر پڻ حيران آهن، جڏهن ته مڪاني چونڊن  ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن پاران پڻ ووٽرن سان گڏجاڻين جو سلسلو شروع نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميا پاران مڪاني اليڪشن جي تياري مڪمل ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي ان جي باوجود به ضلعي جي سمورن شهرن يونين ڪائونسلن ۽ ٽائون ۽ وارڊن تان اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن پاران سرگرميون نظر نه پيون، اچن جڏهن ته مڪاني چونڊن کي باقي 11 ڏينهن وڃي بچيا آهن، اميدوارن، پاران ورڪ ڪرڻ ڪري ڪيترن ئي اميدوارن لاءِ اليڪشن وڏو چئلينج بڻيل، ذريعن موجب ته ڪيترائي آزاد ۽ مختلف پارٽين ۾ بيٺل اميدوارن پاران شروع وڏو خرچ ڪرڻ ڪري ھو اليڪشن آخري ڏينهن ۾ سرگرميون شروع ڪندا.