بدين (رپورٽر) بدين ميونسپل ڪميٽي جي بي حسي شهر جي مين روڊن تي گندگي وارو گٽرن جو  گندو پاڻي ڪاهي پيو شهر ۾ لڳايل بچت بازار روڊ، ايوان صحافت،پريس ڪلب، بلاول پارڪ  گولاڙچي روڊ سميت مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهڻ سبب ايندڙ ويندڙ مسافر شهري ۽ دڪاندار آزار ۾ اچي ويا صفائي نه ٿيڻ ڪري هر طرف گندگي ڦھلجي وئي مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي ۽ ماڻهو بيمارين وٺجي ويا، ان ڏس ۾ بدين شهر کي ميونسپل ڪميٽي جي انتظاميه گٽر نالو  بڻائي ڇڏيو آهي رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ صفائي عملو شهر ۾ صفائي ڪرڻ بجائي اڪثر  آرامي هجڻ ڪري شھر جي مک روڊن تي گندگي وارو گٽرن جو گندو پاڻي ڪاهي پيو آهي جنهن ڪري ضلع انتظامیہ پاران لڳايل رمضان بچت بازار جي اڳيان، ايوان صحافت پريس ڪلب اڳيان به وڏو گند ڦھلجي وڃڻ سبب شهري دڪاندار ايندڙ ويندڙ مسافر پڻ ويل ۾ اچي ويا آهن بدين جي شهرين رجب جت، الھه بخش جوڻيجو، عبدالرحمان ميمڻ ۽ ٻين چيو ته ميونسپل ڪميٽي ۾ ڪروڙين روپيا  ھر مھيني بجيٽ اچي ٿي پر گٽرن جي صفائي نه ٿيڻ سبب شهر سڄو گٽر نالي جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي  شهرين جي گهرن اڳيان گندگي سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي جنهن ڪري مختلف بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي بدين جي شهرين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته شهر جي گٽرن جي صفائي ڪري شھر کي صاف سٿرو بڻايو وڃي.