بدين ( رپورٽر ) بدين شھر جي الله والا چوڪ ڀرسان ڀڏي روڊ تي منشيات فروشن آچار ملاح ۽ صديق پوپرو ملاح جي اڏن تي پوليس چڙهائي ڪئي.منشيات فروش آچار ملاح جي گهر جو مک  گيٽ، ديوار ۽ دڪانن جا شٽر ڪرين مشين سان ڊاهيا ويا، پوليس ڪابه گرفتاري  نه ڪري سگهي، پوليس موجب اچار ملاح ۽ صديق پوپرو ملاح ڪچو شراب، چرس، ڀنگ، ھيروئن، آفيم سميت آئيس به ھلائيندا آھن،  سندن مٿان 100 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آھن.