بدين ( رپورٽر ) بدين جي ساحلي پٽي سان تعلق رکندڙ فشر فوڪ فورم جي اڳوڻي ضلعي صدر مٺن ملاح ۽ گڏي ملاح جي اڳواڻي ۾ سوين ماھيگيرن ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته بااثر ماھيگيرن کي پاڻ ۾ ويڙھائي سمنڊ تي ٺيڪيداري نظام مڙھڻ چاھين ٿا، ۽ نريڙي ڍنڍ جي  سرڪاري سم نالي تي ويٺل جعفر ٿھيمور  کي مھاڻن خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي جيڪو هٿيارن جي زور تي غريب ماهيگيرن کي پوانٽن تي اچڻ ئي نٿو ڏي، غريب مهاڻا روزگار لاءِ سخت پريشان آهن،ڪجھ ماڻھو گروپ بندي ڪرائي ماهيگيرن کي پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سامھون آڻي چاھين ٿا ته ڪنهن طريقي سان جهيڙو ڪرائي خونريزي ڪرائڻ چاھين ته جيئن نريڙي ڍنڍ ۽ڊورن جي ٺيڪيداري کين ملي سگهي,  هنن وزير اعلي سنڌ آئي جي سنڌ، فشر ڦوڪ فورم جي چيئرمين مھراڻ شاھ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته بدين جي نريڙي ڍنڍ تي غريب ماهيگيرن کي مڇي مارڻ کان روڪيندڙ ۽ گروپ بندي ڪندڙ بااثر ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ سان گڏ انصاف فراهم ڪيو وڃي.