بدين (رپورٽ:حميد سومرو) بدين ۾ ڪامورن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي ٿڏي ڇڏيو، ميونسپل ڪاميٽي بدين ۾ چيف ميونسپل آفيسر سميت آفيس سپرنٽينڊنٽ، اڪائونٽنٽ ۽ ٻيا عملدار او پي ايس تحت اهم عهد تي ويٺل. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته ميونسپل ڪاميٽي بدين ۾ گذريل ٻن ورهين کان 17 گريڊ جو چيف ميونسپل آفيسر مقصود ملاح ٻن ورهين کان 18 هين گريڊ جي ڪرسي تي ويٺل آهي انهي کان سواءِ آفيس سپرنٽينڊنٽ عبدالڪريم خاصخيلي جيڪو 2 سال اڳ رٽائر ٿي ويو هو، سندس جاءِ تي يونين ڪائونسل جو ڪلرڪ غلام علي هڱورو ٻن ورهين کان آفيس سپرنٽينڊنٽ جي 17هين گريڊ جي ڪرسي تي ويٺل آهي. ان کان علاوه 11 گريڊ جو ڪلرڪ اشفاق جمالي پڻ اڪائونٽنٽ جي 16هين گريڊ واري منصب تي غيرقانوني مقرر آهي. ان کان سواءِ پڻ ڪيترائي ملازم قانون جي ابتڙ اهم عهدن تي غيرقانوني طور فائز آهن. ان ڏس ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ جي ڪرسي تي ويٺل غلام علي هنڱورجي دعوى ڪئي ته آئون 17هين گريڊ ۾ آهيان، ان ڪري آفيس سپرنٽينڊنٽ جي ڪرسي تي آهيان. هن وڌيڪ چيو ته اڪائونٽنٽ جمشيد ملاح آهي جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ايندو آهي. ان ڏس ۾ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ميونسپل ڪاميٽي بدين جي ملازم ۽ واٽر سپلاءِجي اڳواڻي انچارج مرتضى خاصخيلي تصديق ڪندي ٻڌايو ته سي ايم او مقصود ملاح هاءِڪورٽ جي حڪم باوجود غيرقانوني ويٺل آهي، هو 17 گريڊ جو ملازم آهي جيڪو ٻن ورهين کان 18 هين گريڊ جي عهدي تي فائز آهي. ٻئي پاسي پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ميونسپل ايڊمنسٽريٽر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر محمد يونس رند چيو ته بلڪل هاءِ ڪورٽ جو حڪم آهي، سي ايم او خلاف جاچ ڪرايان ٿو، جيڪڏهن اهل نه هوندو ته کيس فوري طور تي هٽايو ويندو.