بدين (رپورٽر) بدين جي سينئر صحافي الله رکيو ملاح جي پهرين ورسي تي تعزيتي اجلاس گھرايو ويو،  پريس  ڪلب بدين جي صدر تنوير احمد آرائين جنرل سيڪريٽري عمران عباس خواجه، لالا ھارون گوپانگ، ايوان صحافت جي صدر حاجي خالد محمود گهمڻ جنرل سيڪريٽري شفيع محمد جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته ﷲ رکيو ملاح پنهنجي زندگي جا 55 سال صحافت کي ارپي بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ هتان مظلوم عوام جو آواز بنيو ۽ ان جا مسئلا اقتدار جي اعلي ايوان تائين پهچايا. ان موقعي تي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي سينئر نائب صدر ملڪ محمد الياس بدين يونٽ جي صدر شوڪت ميمڻ جنرل سيڪريٽري هارون گوپانگ سينئر صحافي مرتضي عبدالمجيد ملاح خالد عزيز سانوڻ خاصخيلي شفيع محمد ميمڻ عطا چانڊيو عباسي سردار ڀٽي اعجاز زئي ارسلان ياسين آرائين شاد الطاف ميمڻ علي نواز چنا حسين سومرو اعجاز مينگل مير شڪيل ۽ ٻين پڻ خيالن جو اظهار ڪيو