بدين (رپورٽر) بدين جي صحافين سان پوليس جي ناانصافين خلاف ضلعي جي سمورن صحافين پاران احتجاج ڪيو ويو، شوڪت ميمڻ، تنوير آرائين، ملڪ الياس، حاجي خالد محمود گھمڻ، ھارون گوپانگ، ملڪ طارق اعواڻ، علي محمد شاھاڻي، شفيع محمد  جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته پوليس صحافين خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، ھڪ مھيني اندر 8 صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن صحافين سدائين عوام جي مسئلن تي لکيو آهي مظلومن کي انصاف ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر موجوده ايس ايس پي بدين شاھنواز چاچڙ جي اچڻ کان پوءِ بدين جي صحافين خلاف روزانو ڪيترائي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين جيل موڪليو پيو وڃي. ھنن چيو ته بدين جي صحافين طرفان ٻن ڏينهن کان وٺي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪرڻ باوجود ڪوبه نوٽيس نه پيو ورتو وڃي هنن چيو ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر صحافين سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس نه ورتو ويو ته بدين ضلعي جا سمورا صحافي  حيدرآباد پريس اڳيان ڌرڻو ھڻندا.