بدين ۾ دڪان کولڻ تان دڪاندارن ۽ پوليس ۾ جهيڙو، اي ايس آءِ زخمي

0
503

بدين: بدين ۾ شهباز روڊ تي دڪان کولڻ تان واپارين ۽ پوليس ۾ جهيڙي دوران اي ايس آءِ احمد علي انصاري زخمي ٿي پيو. اي ايس آءِ جي زخمي ٿيڻ بعد وڏي تعداد ۾ اهلڪار پهچي ويا جن کليل سمورا دڪان بند ڪرائي ڇڏيا. واپارين ۽ اهلڪارن وچ ۾ ٿيل جهيڙي جو ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي تي اڳرائي جو الزام هنيو ويو آهي.