ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ايس پي ۽ ڊي ايس پي سطح جي آفيسرن جون بدليون، ان ڏس ۾آءِ جي سنڌ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سي پي او ۾ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل اصغر علي جٽ کي ايس پي بدين (ھيڊ ڪوارٽر) مقرر ڪيو ويو، هوڏانهن محمد عارب مھر کي وري ايس پي (انويسٽيگيشن) 3 ڪورنگي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊي ايس پي نويد احمد کي ايڊيشنل آءِ جي (ٽريننگ) سنڌ رينج وٽ مقرر ڪيو ويو، هوڏانهن پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 3 ڊي ايس پيز خالد اقبال قريشي، شجاعت حسين ۽ محمد عارف خان کي ايڊيشنل آءِ جي (آپريشن) حوالي ڪيو ويو، ڇاڇري جي ايس ڊي پي او محمد عارف ڀٽي کي هالا بدلي ڪيو ويو، جتان ڊي ايس پي محمد يعقوب ٻرڙو کي هٽائي سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي.