بدين (رپورٽر ) بدين پوليس پنهنجي شهيدن کي وساري ڇڏيو ڪابه تقريب ڪوٺائي وئي. ان ڏس ۾ 4 آگسٽ تي پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي بدين ۾ پوليس طرفان ضلع ۾ شهيد ٿيل جوانن ۽ آفيسرن کي وساري ڇڏيو سڄي سنڌ جي ڀيٽ ۾ بدين ۾ پوليس طرفان شهيدن ياد ڪرڻ سندن آخري آرام گاهن تي چادر چاڙهڻ يادگار تي سلامي پيش ڪرڻ توڙي سندن خاندانن جي پرگهور لهڻ واري روائتي سرگرميون به نه ٿي سگهيون، جنهن سبب شهيدن جي خاندانن ۾ مايوسي ڇانئجي وئي ياد رهي ان کان پهرين شهيدن جي ڏهاڙي تي بدين پوليس طرفان پرگهور لهڻ سان گڏ سندن مالي مدد پڻ ڪئي ويندي هئي.