بدين (رپورٽر ) بدين ڀرسان پوليس مقابلي بعد 2 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان حوالي سان ماڊل ٿاڻي بدين جي ايس ايچ او انور لغاري ٻڌايو ته رات دير سان گشت ڪندي سيراڻي ڀرسان جنڪي اسٽاپ وٽ ڏوھ جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو، جوابدار پوليس تي فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن جي سڃاڻپ لاڙڪاڻي جي ڳوٺ پير شير جي رهواسي صدام جتوئي طور ٿي آهي، پوليس موجب مقابلي دوران زخمي حالت ۾ فرار ٿيل جوابدار جي گرفتاري لاءِ نالابندي ڪري جوابدار نادر جتوئي کي پڻ گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب ٻنهي جوابدارن کان غيرقانوني هٿيار پڻ هٿ ڪيا آهن، جوابدارن تي 13 ڪيس داخل آهن.