بدين (رپورٽ: حميد سومرو) حيدرآباد ۾ جنسي هراسمينٽ جي شڪايت ڪندڙ بدين واسڻ گهريلو ملازما ۽ سندس ٻن ڀينرن خلاف چوري جو ڪيس داخل، هڪ جو مڙس گرفتار، وارثن جو احتجاج. حيدرآباد جي ڦليلي ٿاڻي حد ۾ بااثر صنعتڪار جي گهر ۾ ملازمت ڪندڙ بدين جي ٽن ڀينرن شاهينه، تانيه ۽ شمائله مان هڪ غير شادي شده شاهينه کي گهر مالڪڻ جي ڀاءُ دانش طرفان جنسي هراسان ڪرڻ جي شڪايت ڪرڻ بعد گهر مالڪياڻي روبينه يوسف زئي جي فرياد تي ڦليلي ٿاڻي ۾ ٽنهي ڀينرن مٿان گهر مان چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو. هڪ ڀيڻ شمائله جي مڙس محمد بخش سولنگي کي ڳالهين جي بهاني حيدرآباد گهرائڻ بعد گرفتار ڪرايو ويو. ان ڏس ۾ بدين ڀرسان ڳوٺ حيات خاصخيلي جي رهواسڻ مسمات مريم سولنگي، سندس مڙس عبدالطيف سولنگي، ڳوٺ جي نيڪ مرد محمد علي سولنگي ۽ ٻين احتجاج ڪرڻ بعد صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته اسان جي نياڻين جي مٿان چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. گهر مالڪياڻي روبينه جو ڀاءُ دانش اسان جي نياڻي شاهينه کي تنگ ڪندو هو، جنهن جي شڪايت ڪرڻ تي نياڻين مٿان چوري جو ڪوڙو بهتان لڳايو ويو. هنن الزام هنيو ته گهر مالڪياڻي روبينه جو ڀيڻوو ۽ خانگي شخص نديم يوسف زئي پاڻ کي فوج جو اهلڪار سڏائي پوليس تي پريشر وجهي اسان جي ڳوٺ تي ڦليلي ٿاڻي جي پوليس جون چڙهايون ڪرائڻ سان گڏ ڌمڪائي رهيو آهي ته حيدرآباد جي ڪنهن ڪورٽ ۾ ضمانت وغيره لاءِ آيا تہ مارجي يا کڄي ويندا. هنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي نياڻين تي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي.