بدين (اسپورٽس نيوز) ٿر رينجرس 32 ونگ ۽ ايم ڪي دل ٽيم جي گڏيل سھڪار سان  شوٽنگ بال  جو ھڪ روزه بھترين ٽورنامينٽ ٿي گذريو، پھرين ميچ  ايم ڪي دل ٽيم ۽ ٿر رينجرز جي ٽيم ۾ ٿيو، جيڪو ايم ڪي ٽيم  5 جي مقابلي ۾ 15 پوائنٽن تان کٽي ورتو. جڏھن ته فائينل ميچ نياز ڪلب حيدرآباد ۽ ايم ڪي دل ڪلب وچ ۾ ٿي گذريو. دلچسپ مقابلي کان پوءِ فائينل ميچ نياز ڪلب حيدر آباد کٽي ورتو ۽ تماشائين خوب داد ڏنو.  جڏھن ته ايم ڪي ڪلب ٽيم جي رانديگر محمد موسا سولنگي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.  ٽنھي ٽيمن جي ڪپتانن کي بھترين راند ڪرڻ تي ٿر رينجرز جي ڪرنل اڪمل، ايم ڪي دل ڊاڪٽر شاهه نواز دل ۽ ايوان صحافت بدين جي صدر حاجي خالد محمود گھمڻ 5-5 ھزار رپيا روڪ انعام ۽ ٽرافيون  انعام طور ڏنيون ويون.