بدين (رپورٽر) بدين شھر جي چوڏهن ئي وارڊن ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ جي ڪري گهرن ۾ داخل ٿيندڙ پاڻي شھرين کي مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي. بدين جي شھرين نور محمد ملاح، رياض ميمڻ، محمد رحيم ۽ ٻين موجب ته بدين جي ڊرينيج نالن جي صفائي نه ٿيڻ جي ڪري برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري شهر جي مختلف پاڙن جي حالت انتھائي خراب ٿي وئي آهي، ھنن ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کان گھر ڪئي ته شھر مان فوري طور برساتي پاڻي ڪڊايو وڃي جيئن شھري جاني ۽ مالي نقصان کان بچي سگھن.