بدين (رپورٽر)  بدين جي سينئر صحافي غلام مرتضيٰ ميمڻ ۽ واپاري اڳواڻ  غلام مصطفيٰ ميمڻ جو والد انڊس ڊي ايچ ڪيو جي سينئر ڪميونيڪيشن آفيسر واثق ميمڻ جو ڏاڏو عبدالرحيم ميمڻ ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کي سوين آلين اکين سان درگاھ ماهه ولي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم جو تڏو پوسٽ آفيس روڊ تي سٽي ٿاڻي سامھون وڇايو ويو آهي.