ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪامورن  جون  بدليون: ان ڏس ۾ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل نظير قريشي کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو سيڪريٽري مقرر ڪري اتان حفيظ لغاري کي بدلي ڪري نوجوانن وارا مامرا کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.  جڏهن ته نوجوانن واري  کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري غلام محي الدين کي بدلي ڪري ايڊيشنل سيڪريٽري عملدرآمد مقرر ڪيو ويو.