ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ايس ايس پي سطح  جي پوليس آفيسرن  جون  بدليون، آءِ جي سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايس ايس پي (ايس ايس يو)  ذيشان صديقي کي بدلي ڪري ايس ايس پي ڪشمور مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ايس پي هيڊڪوارٽر لاڙڪاڻو محمد آصف رضا کي شڪارپور جي وقتي چارج ڏني وئي. نوٽيفڪيشن موجب ايس ايس پي سٽي  ڪراچي شبير سيٺار ڊگهي موڪل تي روانو ٿي ويو، جڏهن ته ايس پي انويسٽيگيشن محمد عمران کي ايس ايس پي سٽي جي وقتي چارج ڏني وئي