بدلجندڙ حقيقتون ۽ ڳالهين جي ضروررت

0
366
بدلجندڙ حقيقتون ۽ ڳالهين جي ضروررت

 عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلين تان جلد استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو هن ڪرپٽ نظام جو حصو نه بڻجندا. ان کان اڳ اميد موجب فوجي ڪمانڊ جي تبديلي ٿي چڪي آهي. جنرل عاصم منير نئون آرمي چيف ۽ جنرل ساحر شمشاد نئون چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي بنجي چڪا آهن. عمران خان جو حمايت يافته اميدوار رٽائرمينٽ کان چار مهينا اڳ ئي استعيفيٰ جو اعلان ڪري چڪو آهي. هن اهو اعلان پاڻ ڪيو آهي يا نئين قيادت کيس پيغام ڏئي اهو اعلان ڪرايو آهي تنهنجو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي. ايئن فيضيابي ختم ٿيڻ بعد عمران خان جي جلوس جي فيض آباد ۾ داخلا به بند ٿي چڪي آهي. تازي فيصلي ۾ ڪو سپرسيڊ ته نه ٿيو آهي پر جنرل اظهر عباس جي رٽائر ٿيڻ کان ڇھه مهينا پهريان ئي استعيفا ڏيڻ جي خبر پڻ اچي رهي آهي جنهن سان ناراضگي نما احتجاج جي نئين روايت شروع ٿي رهي آهي. جنرل باجوه جو هائبرڊ نظام به ان اعتراف سان پنهنجي پڄاڻي تي پهچي چڪو آهي ته “فوج جي خدمتن باوجود مٿس تنقيد جو سبب گذيل ستر سالن دوران سندن سياست ۾مداخلت آهي جيڪا غير آئيني آهي.” ٻن درجنن کان به گهٽ لفظن تي مشتمل ان“نثري نظم” پويان مني صديءَ دوران هزارين ماڻهن جون جانيون ۽ لکين ماڻهن جون سوچون توڙي لوچون شامل آهن جن ۾ خاص طور سنڌ جا ماڻهو سرفهرست آهن جن پرامن جمهوري ۽ پارلياماني جدوجهد وسيلي رٽائر ٿيندڙ کي آخري خطاب ۾ ئي صحيح، سچ قبولڻ جي اعتراف تي مجبور ڪري ڇڏيو. هن فوج کي سياست کان دورٿيڻ جي صلاح به ڏني جنهن تي عمل ٿيڻ گهرجي. ڇو ته جڏهن اهو خطرو ٽرندو تڏهن سياست جي به پڇا ڳاڇا ٿي سگهندي ۽ گورننس بهتر ٿيندي.

ان غيريقيني ختم ٿيڻ هوندي به پنجاب جي ميداني علائقن ۾ ڌنڌ وڌي رهي آهي جنهن جو هونئن ته مک سبب ٿڌ ۽ ماحولياتي گدلاڻ جو وڌڻ آهي پر سياست جو سُٽ به سلجهڻ ۾ وقت وٺي رهيو آهي. جنهن جو خاص سبب سياستدانن وچ۾ ڳالهين جا دروازا بند هجڻ ۽ طاقت جوسرچشمو عوام بجاءِ اليڪٽيبلز ۽ انهن کي ڦيرائيندڙ سرپرستن کي سمجهڻ آهي. انکان سواءِ سياست ۾ مداخلت کي غير آئيني چوندڙ جو پيغام شايد اڃان هيٺ پهتو ناهي يا ان کي دل سان قبولڻ کان انڪار ڪيو پيووڃي. ان ڪري ئي ڇانوڻي وارو شهر، پوٺوهار جي يوگي راولن جو پنڊ، پنڊي هاڻي ڪنٽينرن جو شهر بنجي چڪو آهي. انهن ڪنٽينرن اندر تازو ميوو، سبزيون، کاڌي جون شيون، ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ ٿيندڙ توڙي ملڪ اندر هڪ شهر کان ٻئي شهر ضرورت جون قيمتي شيون سهڪي سهڪي پنهنجي جان ڏئي استعمال جي اهميت وڃائي ويهنديون جيڪي پوليس هٿان پڪڙي روڊ بلاڪ ڪرڻ روز جو معمول بنجي چڪو آهي. انهن ڪنٽينرن ۾ قيد سهڪندڙ سامان وچ۾ عمران خان جو لانگ مارچ جيڪو هونئن ته بنا اعلان جي اڳي ئي ختم ۽ تازين مقررين بعد ڌرڻي ۾ تبديل ٿي چڪو هو تنهن جي ضرورت تي ڪيترائي سوال اٿاريا پئي ويا. عمران خان جي مطالبن جو محور هاڻي مقررين مان بدلجي جلد چونڊون ڪرائڻ تي آهي پر ضرور اهو دٻاءَ وجهي هو پردي پويان ڪجھه رعايتون وٺڻ جي ڪوشش ڪندو جنهن۾ کيس نااهلي کان بچائڻ ۽ مقدما ختم ڪرڻ شامل هوندو. هو اصل ۾ نون ڪرتا ڌرتائن سان نئين جوڙجڪ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو ڇو ته کيس خبر آهي ته اقتداري رستن تان هو ڪنهن جي چيچ پڪڙي شاهي محل ۾ داخل ٿيو هو ۽ ناتجربيڪاري ڪري نافرماني سبب خارج ڪيو ويو هو. آميريڪا به مٿس ناراض هو ڇو جو 35 سالن بعد پارليامينٽ جي گئلرين ۾ ٻيهر سندس خلاف نعرا ٻڌڻ ۾ آيا هئا ۽ چين به کانئس ناخوش هو جو هن سيپئڪ کي سست ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري ئي نئين آرمي چيف جي مقرري وقت سابق آميريڪي صدر ٽرمپ جي صلاحڪار چيو هو ته عمران خان جي لهڻ يا چڙهڻ سان آميريڪا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن تي ڪو فرق نه پوندو ڇو ته اهو ڪم آرمي چيف جو هوندو آهي ۽ هن اميد ظاهر ڪئي ته جنرل عاصم جي اچڻ سان اهي لاڳاپا بهتر ٿيندا. جنرل باجوا پنهنجي آخري آميريڪي دوري ۾ جنرل عاصم کي ساڻ وٺي ويو هو ۽ انهن ملاقاتن بعد ئي سندن فرمائش تي جنرل باجوه تڙ تڪڙ ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ايڪسٽينشن نه وٺڻ ۽ پنهنجي رٽائرمينٽ جو به اعلان ڪيو هو. جنرل باجوه جي ان تقرير بعد ته فوج پنهنجو ڪئٿارسس شروع ڪيو آهي، هن سياستدانن کي صلاح ڏني هئي ته هو به پاڻ کي درست ڪن.

گذريل سال افغانستان مان آميريڪي فوجون نڪرڻ بعد موجوده عالمي۽ علاقائي صورتحال جي پسمنظر ۾ پاڪستان جي اهميت بدلجي پئي جنهنجو اندازو آميريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جي گذريل هفتي ڏنل بيان مان لڳائي سگهجي ٿو جنهن۾ هن چيو هو ته انڊيا سندن قيمتي گلوبل پارٽنر يا عالمي سطح جو ڀائيوار آهي جيڪو نه فقط علائقي پر آميريڪا جي عالمي مقصدن لاءِ پڻ اهم آهي ۽ ساڻس اسٽرئيٽيجڪ لاڳاپا جمهوريت سان وفاداري ۽ دنيا ۾ قائدن پٽاندر عالمي نظام جي اصولن جي حمايت تي ٻڌل آهن. جڏهن ته پاڪستان هڪ حساس علائقي ۾ ڪارآمد ڀائيوار آهي. هو چاهي ٿو ته پاڪستان جمهوري ۽ خوشحال رهي ۽ ساڻس ڊگهي مدي دوران لاڳاپا مضبوط رهن جن۾ توانائي، دهشتگردي کي ختم ڪري افغانستان کي مستحڪم ڪرڻ، صحت، ماحوليات، سيڙپڪاري، شامل آهن. انڊيا ۽ پاڪستان جي اهميت جي عالمي تفاوت بابت وڌيڪ اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته تازو بالي انڊونيشيا ۾ G20 ملڪن جي سربراهي ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ايندڙ صدارت انڊيا کي سونپي وئي جيڪو ڇهن مهينن بعد دنيا جو آبادي جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو ملڪ بنجي ويندو. اهڙي طرح انڊيا جي صدارت۾ G20 ملڪن جي ايندڙ سربراهي ڪانفرنس دلهي ۾ سيپٽمبر 2023ع ۾ ٿيندي جنهن۾ آميريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا، فرانس، جرمني، اٽلي، جپان، برطانيه، چين، روس، يورپي يونين، انڊيا، ارجنٽائين ميڪسيڪو، ڏکڻ ڪوريا، انڊونيشيا، ڏکڻ آفريڪا، ترڪي، سعوديه ۽ برازيل جا سربراه شرڪت ڪندا. پاڪستان ان جو ميمبر ته پري رهيو، مبصر به ناهي! انڊيا پنهجي عالمي اهميت وڌائڻ لاءِ تقريبن ٽن ڏهاڪن کان هڪ ٻي ڪوشش به ڪرڻ ۾ مصروف آهي جنهن تحت هو اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر ٿيڻ چاهي ٿو. هن وقت آميريڪا، چين، روس، برطانيه، فرانس مستقل ميمبر آهن جن کي ويٽو پاور به آهي. اهو فيصلو ٻين مهاڀاري لڙائي جي خاتمي وقت طاقت جي عالمي منظر جي بنياد تي ڪيو ويو هو. پر هاڻي دنيا تبديل ٿي چڪي آهي ان ڪري اقوام متحده ۾ اصلاحات جي ڳالھه ڪئي پئي وڃي. انڊيا کان سواءِ جرمني، جپان، برازيل به ان ڪوشش ۾ رڌل آهن جن جي حمايت چين کان سواءِ باقي چار مستقل ميمبر ڪري رهيا آهن. انڊيا جي مخالفت پاڪستان، جرمني جي اٽلي ۽ اسپين، جپان جي ڏکڻ ڪوريا جڏهن ته برازيل جي مخالفت سندس پاڙيسري مئڪسيڪو ۽ ارجنٽائين ڪري رهيا آهن. ابتدائي طور انڊيا اهو به چيو آهي ته کيس بنا ويٽو پاور جي مستقل ميمبر ڪيو وڃي پر مخالف ڇھن ئي ملڪن جو گروپ ان تي راضي نٿو ٿئي. ان پسمنظر ۾ اسان کي سمجهڻ گهرجي ته عالمي برادري جي صفن ۾ شانائتي جڳھه لاءِ فقط جاگرافيائي بيهڪ ۽ آبادي  ڪافي ناهي پر ان سان گڏوگڏ معاشي، انساني ترقي ۽ جمهوري معاشري جو وجود اهم آهي جنهن۾ تعليم صحت روزگار جي خاطري لاءِ آئين، قانون ۽ قاعدن جي پيروي ڪرڻ ضروري آهي. هن وقت ملڪ مٿي ذڪر ڪيل سڀني بحرانن کان علاوه ٻوڏ ڪري تباهي مان گذري رهيو آهي. عالمي مهانگائي سبب وڌندڙ امپورٽ بل جي ادائگي لاءِ گهربل پرڏيهي ناڻو ناهي. تيل جي کوٽ جوامڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ترڪيا جي دوري دوران ايڪو کان شهباز شريف ڪجھه ڪروڙ يورو قرض منظور ڪرايو آهي. گوگل کي 34 ڪروڙ ڊالر ايندڙ مهيني ادا نه ڪيا ويا ته گوگل ائپس اسٽور بند ٿي سگهي ٿو. ڊالرن جي کوٽ ان ڪري به شديد ٿي رهي آهي جو اسحاق ڊار جي پاليسين سبب کليل مارڪيٽ ۽ بينڪ وچ۾ ڊالر ۽ رپئي جي اگھه جو فرق جيڪو پهريائين ڪجهھ پئسن تائين محدود هو ڪجھه رپين تائين ڦهلجي چڪو آهي جنهن ڪري پرڏيھه مان پرديسي پاڪستاني بينڪن بدران هنڊي وسيلي رقمون موڪلي رهيا آهن ان ڪري به سرڪاري ذخيرا گهٽجي رهيا آهن. رپئي جي ملھه کي بهتر ڪرڻ لاءِ وياج اگهھ به وڌائي 16 سيڪڙو ڪيو ويو آهي جنهن سان ٻيون پيچيدگيون به پيدا ٿينديون. هي سٽون لکڻ وقت عمران خان جو پنڊي ۾ جلسو ختم ٿي چڪو آهي هزارين ماڻهن کي خطاب ڪندي جيتوڻيڪ هن سموري تقرير ۾ ڪا نئين ڳالھه ته ناهي ڪئي پر سندس اداس اسٽائيل مان لڳي رهيو آهي ته کيس صورتحال جي تبديلي جو احساس ته آهي پر هو پنهنجن زخمن جو فائدو وٺندي همدرديون وڌائڻ چاهي ٿو. آخر ۾ چونڊن جي تاريخ ۽ صوبائي اسيمبلين تان استعيفا جو  بيان اتحادي حڪومت تي دٻاءُ وڌائيندو. پر عمران خان کي سمجهڻ گهرجي ته 2022 ع جو سال ختم ٿيڻ تي آهي ۽ هي 2018ع ناهي. انهن چئن سالن ۾ ڪورونا ۽ يوڪرين دنيا ۽ پاڪستان کي تبديل ڪري چڪا آهن. ان صورتحال ۾ سمورن ڪرتا ڌرتائن خاص ڪري سياستدانن کي سمجهڻ گهرجي ته ڳالهين جا دروازا کولڻ بنا ٻي ڪا سياسي واھه ناهي. گهمبير مسئلن جو حل رواجي رسمي قدمن سان نه پر گهري سوچ ويچار ۽ ان تي عمل ڪرڻ سان ملندو.وقت کٽندو پيووڃي.ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پهريائين لائلپوري راڻي ۽ جھلمي چوڌري جا بيان بند ڪيا وڃن.