بدعنواني: “توهان کي ساڙ ڇو ٿو ٿئي؟”

0
163
بدعنواني: “توهان کي ساڙ ڇو ٿو ٿئي؟”

 احمد نواز (فرضي نالو) جي آفيسر ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ هن جي مسڪين پيءُ ٽٽل گهر جي ڀرسان ڀڳل واڙي ۾ بيٺل ڦنڊر ڪهي وڏي خيرات ڪئي. سڄي ڳوٺ ۾ شادمانا هئا. سالن کانپوءِ غريب جو پٽ وڏو امتحان ڏئي وڏو آفيسر جو ٿيو هو. ڪجهه سالن اندر ئي احمد نواز جي فيملي امير ٿي وئي. ٽٽل گهر جي جاءِ وڏي بنگلي ورتي، ڀڳل مال جي واڙيءَ جي جڳهه تي چوپائي مال جو وڏو واڙو ٿي ويو. جنهن گهر ۾ سائيڪل نه هئي اتي ٻن وڏين آٽو موبائيل ڪمپنين جون وڏيون ڪارون اچي ويون.! اهو سڀ ڪجهه چند سالن ۾ ڪيئن ممڪن بڻيو!؟ يقينن سوچڻ جو معاملو آهي!

                 هڪ ڳالهه طئي ته احمد نواز جي پگهار مان اهو سڀ ڪجهه ممڪن نه هو؟ پوءِ هن ايترا ڏوڪڙ ڪٿان آندا؟ جواب تمام سادو ۽ سوَلو آهي ته هن اهو سڀ ڪجهه ٻاهرين ڪمائي يعني رشوت جي زور تي جوڙيو! اها هڪ ڪهاڻي صرف احمد نواز جي ناهي، پر جتي به غريب خاندان سان لاڳاپيل نوجوان محنت ڪري مٿئين پوسٽ تي پهچي ٿو ته جلدي ئي ان بدعنوان نظام جو حصوپڻ ٿيو وڃي.ان ڪري جڏهن به اهڙيون ڳالهيون يا سوشل ميڊيا تي وائرل پوسٽون اڳيان اينديون آهن ته فلاڻي مسڪين جو پٽ يا ڌيءُ محنت سان وڏا آفيسر ٿيا آهن ته گهٽ ۾ گهٽ مونکي ڪابه خوشي ناهي ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه صورتن ۾ اهي ايليٽ ڪلاس جي نوجوانن کان وڌيڪ بدعنوان ثابت ٿيندا آهن! جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته معاشري ۾ ڪرپشن جي وهندڙ هن گنگا مان هر ڪو حصو کڻڻ چاهي ٿو. هتي ايماندار فقط اهو ئي آهي، جنهن کي موقعو ناهي مليو… ۽ وري هن پوري لقاءَ ۾ ڪجهه عجب جهڙي منظر ان وقت ملن ٿا، جنهن وقت ڪرپشن جي گند ۾ پيرن کان مٿي تائين ڀريل اهي همراهه ڪمال بي حيائيءَ سان سماج جي پوئتي پوڻ جي سببن تي ڳالهائيندي ڳنڀير ٿي ويندا آهن! شايد اهو سڀ ڪجهه پوئتي پيل ملڪن جي ماڻهن جو مسئلو آهي، جتي هي بدعنوان سمجهي ٿو ته مسين ته موقعو مليو آهي، جيڪو ڪرڻو آهي، اڄ ئي ڪري وٺجي سڀاڻي ٿئي الائي نه!سماجن ۾ بدعنوانن جا پيرا کڻجن ٿا ته ان جي تاريخ به انساني اتهاس سان گڏ ملي ٿي. هر تهذيب ۾ ڪرپشن رهي آهي. اها ٻي ڳالهه ته ان جو اسڪيل ڪيترو رهيو؟ باقي ڪا به تهذيب ڪرپشن کان خالي نه هئي. ڪرپشن جون مختلف شڪليون ٿين ٿيون، ڪٿي سياسي ته ڪٿي سماجي ته ڪٿي معاشي اثرن جي سبب معاشرا بدعنوان ٿيو وڃن. نتيجي ۾ پهرئين ڌڪ ۾ اخلاقيات جو ٻيڙو ٻڏي وڃي ٿو؛ جنهن بعد ٻئي حملي ۾ ملڪ جي معاشي ترقي يعني عام ماڻهوءَ جي روزي روٽي به سوڙهي ٿيو وڃي.

ڪرپشن بابت لکندي پنهنجي ضلعي ۾ آيل نام نهاد ايماندار پوليس آفيسر ياد اچي ويو. موصوف لاءِ مشهور هو ته هو ماڻهن کان سڌي ريت پئسا ناهي وٺندو، باقي سرڪاري فنڊ شوق سان کائيندو آهي. هاڻي سوال ته اهي سرڪاري فنڊ ڪٿان ايندا آهن. ڇا اهي پئسا اسان جي رت سان گڏ ڪيل ناهن. هي جو اسان ماچيس جي تيليءَ تي به ٽيڪس ڀريون ٿا، اهي ساڳيا پئسا ته آهن، جيڪي مخلتف فنڊن جي صورت کاتن ۾ ان خيال سان وڃن ٿا ته عام ڀلائي لاءِ استعمال ٿيندا! پوءِ اهڙي صورت ۾ فنڊ کائڻ ۽ پاڻ کي ايماندار سڏائڻ، يقينن ڪجهه عجيب ضرور آهي! ڪرپشن جي ڪري نه صرف معاشي ڦيٿي جي رفتار سست ٿي وڃي ٿي، پر ڪاروبار کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسي ٿو. عملي طور روزگار جا موقعا ختم ٿيو وڃن. اهڙن معاشرن ۾ ڪير سيڙپڪاري به نه ڪرڻ چاهيندو آهي. نتيجي ۾ ٽيڪس ۾ گهٽتائي ۽ ملڪ وڃي ڏيوالي تي پهچندا آهن، جهڙي ريت پاڻ سان ٿي رهيو آهي.

ڪرپشن جا هونئن ته گهڻائي قسم آهن، جنهن ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ کان بي ايماني تائين هر اهو فعل اچي وڃي، جنهن سان سماج کي نقصان رسي ٿو، پر هتي پاڻ جن معاشرن ۾ رهون پيا، اتي رشوت بدعنوانيءَ جو مشهور ۽ مقبول قسم آهي. رشوت ٽين دنيا جي سڀني ملڪن ۾ ڪٿي گهٽ ته ڪٿي مٿي، پر برابر ورتي وڃي ٿي. رشوت ئي اهو مکيه سبب آهي، جنهن ڪري معيشت ۾ عدم تحفظ پيدا ٿئي ۽ شين جون قيمتون راتو رات آسمان کي ڇهڻ لڳن ٿيون. رشوت جي عام هجڻ جي ڪري رياست جي صلاحيت تي ڪاري ضرب لڳندي رهي ٿي. اها نه رڳو دفاع، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي وڏن منصوبن جي پوري انفراسٽرڪچر کي برباد ڪري ڇڏي، پر ان جا اثر عام ڳوٺاڻي زندگيءَ تي پڻ پهچي وڃن، جتي نه ماستر پڙهائڻ لاءِ تيار هوندو آهي نه ڊاڪٽر علاج ڪرڻ تي آماده نه پوليسوارو تحفظ لاءِ ذميدار. جيڪڏهن توهان جو تعلق ڳوٺن سان آهي ته ان جو مشاهدو ڪري سگهو ٿا. مثال طور: هڪ وچولي ڳوٺ ۾ هڪ پرائمري اسڪول قائم آهي. ان ۾ پنج استاد مقرر آهي. انهن پنجن جي پگهار واڌو جڳهه جو ڪرائي جو ماهوار حساب لکن ۾ ٿيو وڃي، نتيجو سدائين ٻڙي… ان ئي ڳوٺ ۾ هڪ خانگي اسڪول پڻ موجود آهي. ان جي بجيٽ هزارن ۾ آهي، پر ڳوٺ جا اڪثر ٻار ان اسڪول ۾ پڙهن ٿا. ڳوٺن ۾ صحت جي حوالي سان عطائي ڊاڪٽرن جون اسپتالون ته آباد آهن، اتي بنيادي صحت مرڪز تباهه لڳا پيا آهن. ڪجهه دير لاءِ توهان ان بنيادي صحت مرڪز جي رڳو ماهانه بجيٽ جو حساب ڪندا ته حيران ٿي ويندا ته سرڪار ايترا پئسا خرچ ته ڪري ٿي پر ان جو لاڀ عام ماڻهن کي فقط ايترو پوي جو، انهن کي سدائين وڏين اسپتالن جا ڏَس ڏنا ويندا آهن. ٻين لفظن ۾ اهي صحت گهر گهٽ ’ريفرل سينٽر‘ وڌيڪ ٿي وڃن ٿا. هاڻي سوال هي به آهي ته جيڪڏهن اڪثر مريضن جن مان ڪافين جو اتي علاج موجود به آهي ته انهن کي مٿين اسپتالن ڏانهن ئي موڪلڻو آهي ته سرڪار ايڏا خرچ ڇو پئي ڪري؟

هڪ ٻيو ۽ اهم سوال ته ڪرپشن ڇو ڪئي وڃي ٿي؟ جواب ته ان جا ڪيترائي سبب آهن. ورلڊ بينڪ جي هڪ تحقيقي رپورٽ موجب بدعنوانيءَ جا مکيه سبب ماڻهن ۾ غير يقينيءَ جي صورتحال آهي. يعني جيڪو ڪرڻو آهي، اڄ ئي ڪري وٺو. ان کانپوءِ ملڪن جي غربت، وسيلن جي ورڇ ۾ اڻ برابري، تعليم ۽ شعور جو نه هجڻ ۽ ماڻهن جي آوازن خصوصي طور ميڊيا کي دٻائڻ آهي، پر مان سمجهان ٿو، سڀ کان وڏو سبب بدنيتي آهي. اها هن خطي جي بدنصيبي جو ماڻهو، پنهنجي فطرت ۾ بدعنوان آهن. ايترا ته بدعنوان جو هو توهان کي موبائيل تي ڳالهائيندي درست لوڪيشن به ناهن ٻڌائيندا. ڪوڙ ڳالهائڻ اسان جي سرشت ۾ داخل ٿي ويو آهي. اهڙا ڪوڙ، جن سان بظاهر ڪوبه فائدو ناهي هوندو، پر اسان پوءِ به شوقيه ڳالهائيندا آهيون.اهڙين حالتن ۾ احمد نواز، جنهن وٽ پنج سال پهرين شهر وڃڻ جو ڪرايو ڪونه هو سترهين گريڊ جي سڻڀي نوڪري حاصل ڪرڻ کانپوءِ ٽويوٽا جي هيلڪس ويگو تي چڙهي ٿو ته “ڀلي چڙهي، اهو هن جو ڀاڳ آهي!” ٻيو جملو “ڪنهن غريب جي ترقي ڏسي توهان کي ساڙ ڇو ٿو ٿئي!” انهن ٻن جملن تي ۽ پنهنجي سماج ۾ روز جي بنياد تي وڌندڙ بدعنوانيءَ تي غور ڪجو. توهان کي ٻيا به ڪافي سبب ملي ويندا.