بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ مان مستقل جان ڇٽي سگهندي؟

0
167
سنڌ کي پٿر جي دور ۾ موڪليندڙ بجلي ڪمپنيون

اسان جي حڪمراني يا انتظامي روش اها ٿي وئي آهي ته هر مسئلي جو حل ايڊهاڪ بنيادن تي ڳولڻ جا عادي ٿي ويا آهيون ڪڏهن به ڳوڙهو ويچار يا فيصلا ڪري انهن مسئلن جو  مستقل حل ڪڍڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهيون. جڏهن به ڪو مسئلو تمام گهڻو اڀري مٿي اچي ويندو آهي ته  ڪي قدم کڻي ان کي وقتي طور دٻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهيون پر ان جا بنياد ختم نه ڪرڻ سبب اهي مسئلا  بار بار سامهون ايندا رهندا آهن جنهن ڪري عوام ته ڀوڳيندو ئي رهندو آهي پر جيڪي جاني مالي  يا انتظامي قربانيون ان مسئلي کي ختم ڪرڻ لاءِ خرچ ڪيون ويندون آهن اهي به بيڪار  يا ضايع ٿي وينديون آهن.هونئن ته کوڙ مسئلا آهن جن کي سنڌ جا ماڻهو منهن ڏئي رهيا آهن انهن ۾ تعليم کان وٺي صحت جي سهولتون جا مسئلا به آهن ڪٿي بهتري به ٿي آهي پر بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ ڄڻ مستقل طور سنڌ جي عوام کي ڳچي ۾ پيل آهن جيڪي وقفي وقفي سان سدائين عوام کي پريشان ڪندا رهن ٿا.

 سنڌ ۾وڌندڙ بدامني ۽ ڌاڙيلن جي ڪاررواين کي نظر ۾ رکي سنڌ حڪومت  هڪ ڀيرو ٻيهرآپريشن جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل 28هين ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ  بريفنگ ڏيندي چيو ته  اسٽريٽ ڪرائيم ۾ 15 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.  آءِ جي سنڌ  صوبي جي ڪچي ۾ ڏوهن جي صورتحال بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪچي وارا علائقا ڌاڙيلن لاءِ روايتي محفوظ پناهه گاهه بڻيل آهن.  ڌاڙيل سنڌو درياءَ جي ننڍن ٻيٽن ۾ لڪي ويٺل آهن جتي پوليس پهچي نٿي سگهي، ڌاڙيل اهي پناهگاهون پاڻ کي لڪائڻ ۽  يرغمالين کي رکڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. اغوا وارن واقعن ۾ پوليس تي دٻاءُ هوندو آهي،  يرغمالي جي آزاديءَ لاءِ ڌاڙيلن سان ڳالهيون ڪرڻ تي مجبور ڪندا آهن، جنهن ڪري ڌاڙيلن جو حوصلو وڌي ٿو ۽ ڏوهن ۾ به واڌ ٿي رهي آهي. جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير آءِ جي کي هدايت ڪئي ته هو پنجاب ۽ بلوچستان جي آءِ جيز سان اجلاس ڪري ڌاڙيلن خلاف منظم آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ تفصيلي ايڪشن پلان تيار ڪري. اجلاس ۾ شريڪ ڪور ڪمانڊر  چيو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ پاڪ فوج ۽ رينجرز به پوليس جي مدد ڪندي. اهڙا آپريشن ۽ فيصلا اڳ به ڪيا ويا آهن ۽ انهن جا بهتر عارضي نتيجا به نڪتا آهن ته ڪجهه وقت لاءِٺاپر ٿي ويندي آهي جنهن جو مثال سنڌ جي گادي وارو هنڌ ڪراچي ۽ اتر سنڌ جا ڪجهه شهر ۽ ڪچي جو علائقو آهي جتي اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڌاڙيلن جون ڪارروايون چوٽ چڙهيل هونديون هيون پر آپريشن جي ڪري اتي ڪجهه ماٺار ٿي پر اصل ڪم جيڪو آپريشن کانپوءِ جو هوندو آهي ان تي ڌيان نه ڏنو ويو مطلب ته ڏوهن جي سبب ۽ ڏوهارين جي پشت پناهي جي خاتمي لاءِ ڪي قدم نه کنيا ويا جنهن ڪري ڪجهه وقت جي ماٺار کانپوءِ اهي نرسريون ٻيهر ڪم ڪرڻ لڳيون جيئن هاڻي ٿي رهيو آهي۽ ڏوهن جي خاتمي لاءِ جيڪا محنت ڪئي وڃي ٿي اها ڄڻ ته ڪجهه وقت کانپوءِ زيان ٿي وڃي ٿي.

اسان سمجهون ٿا ته ڏوهن ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ آپريشن جو فيصلو بهتر آهي انهي مان هڪ ڳالهه ته ثابت ٿئي ٿي ته حڪومت امن امان واري ذميواري کان غافل ناهي، پر اصل مسئلو اهو آهي ته اهڙيون ڪي پاليسيون ڇو نه ٿيون جوڙيون وڃن جن سان انهن ڏوهارين جي بار بار پيدا ٿيڻ جا بنياد ئي ختم ٿي وڃن.ڪچي ۾ ڌاڙيلن تائين هٿيار ڪيئن پهچي رهيا آهن اهي وسيلا ۽ ذريعا ڇو ختم نه ٿا ٿين انهن جي ڪهڙا ماڻهو پٺڀرائي ڪن ٿا. انهن کي ملندڙ اها مدد ڇو ختم نه ٿي ٿي سگهي جيڪا پوليس فورس ۾ موجود ڪجهه اهلڪار به ڪري رهيا آهن ته ڪجهه سياسي اڳواڻ مقامي ڀوتار ۽ چونڊيل نمائندا به ڪن ٿا.جيڪڏهن حڪومت ڏوهن مان مستقل جان ڇڏائڻ چاهي ٿي ته ڏوهن جي سببن کي ختم ڪرڻو پوندو رڳو ڏوهارين جي خاتمي سان ڪجهه ڏينهن جي ٺاپر ته ٿي سگهي ٿي پر بنياد موجود هجڻ سان اهي ڏوهه ٻيهر شروع ٿي ٿا وڃن.