پاويل جوڻيجو ميهڙ مان لکي ٿو

ميهڙ جيڪو ڪنهن زماني ۾ امن امان جي بهتر پوزيشن ،سياسي شعور جي حوالي سان مثالي شهر سمجهيو ويندو هو ۽ ميهڙ شهر ميندي جي مهڪ ،رنگ ۽ مائي جي ميٺاج جي حوالي سان جڳ جهان ۾ مشهور هو ،اڄ اهو شهر ميهڙ ماضي وارو پرامن ،صاف سٿرو ۽ سياسي شعور جي بلندين وارو شهر ناهي رهيو. ميهڙ شهر جي ڪهاڻي لکبي ته هن وقت صرف هي لکي سگهجي ٿو ته ميهڙ شهر جتي انفراسٽرڪچر تباهه هجڻ ڪري ان جا روڊ ،رستا اکڙيل آهن ،روڊ ،رستن تي اڪثر ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل رهي ٿو ،صفائي جي صورتحال ايتري ته خراب آهي جو شهر جي بازارن ،رهائشي ڪالونين جي گهٽين ،مک روڊ رستن ۽ ان جي چوراهن ،چونڪن تي گند ڪچري جا ڍير پيل آهن. ان سان گڏ اربين روپين جي دادو ڪئنال مان جوڙايل فلٽريشن واٽر سپلاءِ اسڪيم رولڙي جو شڪار ٿي وڃڻ ڪري ميهڙ شهر جي ٽن لکن جي لڳ ڀڳ انساني آبادي صحت لاءِ هاڃيڪار ٻاڙو ،کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي. ميهڙ ۾ قائم وڏي ۾ وڏي صحت مرڪز تعلقي اسپتال ميهڙ ۾ عوام کي صحت جون اڻپوريون سهولتون ميسر آهن، هڪ ئي وقت ماهر ڊاڪٽر موجود ناهن ته ٻئي پاسي دوائون ناهن جو اسپتال ايندڙ بيمارن جو بهتر نموني علاج ٿي سگهي. ان کان سواءِ ميهڙ شهر ۾ سماجي برايون جهڙوڪ ،جوا ،منشيات ،فحاشي جهڙيون بيماريون به ميهڙ شهر جي جز سان جڙي چڪيون آهن. شهر جي هر محلي، پاڙي ۾ سنوڪر تي جوا ،بڪي تي جوا جا سينٽر کليل آهن ،بندش پيل نشي آور سوپاريون سرعام وڪرو ڪيون پيون وڃن ان سان گڏ ميهڙ شهر جو سڀ کان اهم ۽ ڳنڀير وڏو مسئلو بدامني جو آهي، جنهن بدامني ميهڙ شهر جي عام ماڻهو کان وٺي واپاري تائين ،مزدور کان وٺي دوڪاندار تائين کي متاثر ڪيو آهي. بدامني جي اها حالت آهي جو رات هجي يا ڏينهن ، صبح هجي يا شام ڪنهن به وقت ڪنهن به جڳهه تان يا ته موٽرسائيڪل چاٻي چور چوري ڪري وڃن ٿا يا وري زبردستي هٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪلون ڦرون ڪن ٿا ، شهرين کان دڪانن تان رستي ويندي سرعام ڦرلٽ ڪن ٿا، ايئن ناهي ته شهرين ۽ ميهڙ شهر جي سياسي سماجي ڌرين شهر کي درپيش مٿين مسئلن لاءِ جدوجهد نه ڪئي آهي. شهر جي شهرين شهري اتحاد ميهڙ جي اڳواڻن واپارين نياز علي ٻرڙو ،عبدالستار چنا جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرن ،علامتي بک هڙتالن ،روڊ بلاڪ کان وٺي ،اينٽي ڪرپشن ،نيب کان وٺي ملڪ جي ننڍي کان وٺي وڏي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪري مسئلن جي حل لاءِ هر سرڪاري کاتن روينيو ،ميونسپل ڪاميٽي،پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن کان پڇاڻو ڪرايو آهي پر جڏهن نتيجو ڏسون ٿا ته معلوم اهو ٿو ٿئي ته مسئلو ڪوبه حل نه ٿيو آهي. شهر ۾ نه صفائي جي صورتحال بهتر ٿي آهي نه ئي شهرين کي پيئڻ جو صاف مٺو پاڻي مليو آهي نه ئي شهر جي ڊرينيج نظام ۾ بهتري آئي آهي، بلڪه شهر جو سمورو انفراسٽرڪچر نظام بهتر ٿيو آهي نه ئي اسپتالن ۾ عوام کي صحت جون بهتر سهولتون مليون آهن نه ئي بدامني رڪجي سگهي آهي. ٽن لکن جي لڳ ڀڳ انساني آبادي واري شهر ۾ 15 کان مٿي بئنڪون 20 کان وڌيڪ اسڪول ۽ 4 سو کان مٿي رائيس ملون ،برف جا ڪارخانا ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون صنعتون موجود آهن ،هزارين دوڪان آهن ريشم گلي،سونارڪي بازار، شاهي بازار مين روڊ جي بازار کان علاوه ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون بازارون ۽ ڪالونيون آهن ،ميهڙ شهر جي سنڀال ۽ رکوالي لاءِ 2 ٿاڻا اي ۽ بي فائيو سينٽر، سي آئي اي سينٽر، الائي ڪيتريون ئي اسپيشل سيڪيورٽي ايجنسيون شھر جي ڪيترن ئي داخلي روٽن سميت ڪيترن چونڪن تي پوليس پڪٽون ۽ پوليس اهلڪار مقرر آهن،
پر انهن مان به عوام کي ڪو فائدو ۽ امن ناهي ملي سگهيو، ان جو ذميوار ڪير آهي. هتان کان چونڊيل ايم اين اي ۽ ايم پي اي جن جي ذميواري آهي ته هو شهرين جا بنيادي مسئلا حل ڪرائين پر هو شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪا دلچسپي نه ٿا وٺن،رهندو انهن تي الزام آهن ته شهر جي صفائي سٿرائي ۽ ترقياتي رٿائن لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ به حصا پتي ڪري کڻي وڃن ٿا جنهن ڪري شهر جي حالت سڌرڻ بدران ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته ميهڙ شهر کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيو آهي شهري پنهنجي حقن کان محروم بڻيل آهن ،ميهڙشهر جي حالت ايستائين نه سڌرندي جيستائين عوام پنهنجي ذهني سوچ تبديل نه ڪندو پنهنجي چونڊيل نمائيندن کان پڇاڻو نه ڪندو ،۽ سرڪاري ادارن ۾ سندن فلاح بهبود لاءِ ايندڙ فنڊن جي وارثي ۽ مالڪي نه ڪندو. باقي جيڪڏهن شهري عوام خاموش رهيو ته ميهڙ شهر جي جيڪا هن وقت ابتر صورتحال آهي ان کان به ابتر ٿي ويندي.