بدامني کي ٻنجو اچڻ گهرجي

0
150
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بدامني جي باهه ڀڙڪڻ شروع ٿي آهي جيڪڏهن ان کي اتي ئي وسائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي ته اها گهڻو ڪجهه ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.بدامني اها باهه آهي جيڪا ماڻهن جو سک چين آرام ساڙي رک ڪري ڇڏيندي آهي ۽ خاندانن جي سڄي عمر جون موڙيون تباهه ڪري ڇڏيندي آهي.سنڌ ڪجهه وقت کان  امن ڏانهن موٽ کاڌي هئي ۽ ماڻهو سک جو ساهه کڻي رهيا هئا پر تازو ڪجهه اهڙيون وارداتون ٿيون آهن جو لڳي ٿو ته سنڌ پنهنجي انهي پراڻي ماضي واري سڃاڻ ڏانهن موٽ کائي رهي آهي جڏهن رستا شام ٿيندي ويران ٿي ويندا هئا ۽ چوريون چڪاريون معمول هونديون هيون ۽ ڦر ڌاڙي جو ڪو انت نه هوندو هو. هر ڏينهن نئين واردات ڪري گذرندو  هو،جنهن ڪري ماڻهن شام کان پوءِ گهران نڪرڻ بند ڪري ڇڏيو هو ته ڳوٺن ۾ مورچا سسٽم قائم ٿي ويا هئا جتي ڳوٺاڻا واري تي مورچن ۾ويهي پنهنجو ۽ ڳوٺن جو بچاءَ ڪندا هئا. هاڻي به لڳي ٿو ڏوهارين جي پٺڀرائي ڪندڙ سنڌ کي وري انهي طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جو وري هر شهر ۽ هر ڳوٺ مان ڏوهن جي وڌندڙ وارداتن جون خبرون اچي رهيون آهن.

دادو ضلعو ڪنهن وقت ۾ ڏوهن ۽ ڌاڙيلن جي ڪري سڄي سنڌ ۾ بدنام ضلعو سمجهيو ويندو هو، توڙي جو اهو ضلعو پنهنجي سياسي سجاڳي سبب به سڄي سنڌ ۾ سٺي نظر سان ڏٺو ويندو هو پر  ايم آر ڊي جي تحريڪ کانپوءِ انهي ضلعي ۾ هٿ وٺي ڏوهاري پيدا ڪيا ويا يا انهن جي پٺڀرائي ڪئي وئي جنهن ڪري اتي ڏوهه وڌڻ لڳا جن تي بعد ۾ ضابطو آندو ويو ۽ شهرين سک جو ساهه کنيو. اهو ضلعو هڪ دفعو وري بدامني جي باهه ۾ سڙڻ لڳو آهي جنهن ڪري مجبور ٿي ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ واپارين جي سڏ تي ٻه ڏينهن اڳ هڙتال ٿي آهي ۽ شهرين ۽ واپارين پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايوآهي. بدامني جون دانهون واپاري ۽ شهري پنهنجي بيانن، پريس ڪانفرنس ۽ مظاهرن جي صورت ۾ ڪندا پئي آيا پر جڏهن ڪابه موٽ نه ملي ته مجبور ٿي واپارين کي پنهنجا ڪاروبار بند ڪري اقتدار ڌڻين ۽ انتظامي آفيسرن تائين پنهنجو آواز پهچائڻو پيو. دادو ۾ هڙتال رڳو دادو ۾ بدامني جي گواهي نه پئي ڏئي پر اها ساڳي صورتحال سنڌ جي تقريبن سڀني شهرن ۾ آهي جتي اوچتو ئي اوچتو اسٽريٽ ڪرائيم ۽ چورين ۾ واڌ ٿي وئي آهي .

سنڌ جو ڪو اهڙو شهر ناهي جتي ڦر يا چوري جون وارداتون معمول نه بڻجي ويون هجن.ڪٿي ڪير موٽر سائيل بيهاري ٿو وڃي ته واپسي تي اها موٽر سائيڪل نظر نه ٿي اچي،رات جو گهرن مان چوريون معمول بڻجي ويون آهن.شهرن ۾ هٿيارن جي زور تي موبائيل فون جي ڦر کان وٺي هر قسم جي ڦر جون خبرون هاڻي ڄڻ روٽين ٿي ويون آهن.انهي کانسواءِ به روز جون اخبارون ڏسڻ سان خبر پوي ٿي ته ڏوهه ڪيئن وڌي رهيا آهن. پر لڳي ٿو نه  حڪومت ۽ نه ئي ڏوهن تي ضابطو رکڻ جي ذميوار ادارن کي ڪا پرواهه ناهي ته اهي ڏوهه اوچتو ئي اوچتو ڇو وڌي رهيا آهن نه انهن جي سببن تي جاچيو ٿو وڃي نه ئي انهن کي روڪڻ لاءِ ڪي سنجيده انتظامي قدم کنيا پيا وڃن جنهن ڪري واپارين کي پنهنجا ڪاروبار پاڻ ئي بند ڪري انتظاميا کي جاڳائڻو ٿو پوي.

اسان سمجهون ٿا ته بدامني اهڙي بلا آهي جيڪا هر شيءَ کي کائي ناس ڪري ڇڏيندي آهي جنهن سان ڪاروبار تباهه ٿيندا آهن، بيروزگاري ۾واڌ ٿيندي آهي ۽ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو آهي ته حڪومتن جي به عوام ۾ بدنامي ٿيندي آهي.تنهن ڪري سنڌ حڪوت ۽ پوليس انتظاميا کي هن وڌندڙ بدامني کي هتي ئي روڪڻ جو ڪوششون ڪرڻ گهرجن جيئن سنڌ جو عوام ماضي جهڙا ڏينهن ڏسڻ کان بچي پوي جڏهن سج لٿي کانپوءِ گهٽيون ويران ۽ رستا سنسان ٿي ويندا هئا.