بدامني ماڻهن جي جان مال کائي رهي آهي

0
444
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

چوڻي آهي ته غربت کان وڏي بيماري ٻي ڪا به ناهي ۽ اها اهڙي بيماري آهي جيڪا ٻيون ڪيتريون ئي سماجي بيماريون پيدا ڪرڻ جو سبب بڻبي آهي.ڪجهه وقت کان وٺي ملڪي معيشت جي تباهي جا اثر سماج تي نظر اچي رهيا آهن.مهانگائي، بيروزگاري سبب اڳ ئي وچولو ۽ هيٺيون طبقو پريشاني ۾ مبتلا هو ويتر هن حڪومت جي معاشي پاليسين ۽ مٿان وري ڪورونا جي ڪري سڄي ڪاروبار ۽ معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو جنهن جي ڪري بيروزگاري ۽ مهانگائي ۾ برداشت کان وڌيڪ واڌ ٿي وئي، جڏهن ته بدامني جي باهه به انهي سماج کي ڄڻ ساڙڻ لڳي.اغوا جي وڌندڙ وارداتن کان وٺي قتل ،قبائلي جهيڙن، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ چوري ڦرن جي وارداتن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي ۽ انتظاميا اکيون پوري عوام کي ڏوهارين ۽ هٿياربندن جي آسري ڇڏي ڏنو آهي .
ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ ۽ پهرين لهر دوران لاڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پئي ويو ته سماجي ماهر انهي خطري جو اظهار ڪري رهيا هئا ته لاڪڊائون سان ڪورونا وائرس کي پکڙجڻ کان ته روڪي سگهبو پر انهي سان بيروزگاري جي جيڪا لهر پيدا ٿيندي اها هڪڙي ٻي بيماري بدامني کي جنم ڏئي سگهي ٿي تنهن ڪري حڪومت کي نه رڳو لاڪڊائون لاءِ قدم کڻڻ گهرجن پر ان سان گڏ جيڪي ماڻهو گهر ويهي رهندا جن جي گذران جو سبب روز جي ڪمائي آهي انهن جي گذر سفر جو به بندوبست ڪرڻو پوندو.هاڻي ته ڪورونا جي ٽئين لهر آيل آهي جنهن ۾ ڪاروبار مڪمل طور ته بند نه ٿيو پر انهي ڪورونا وائرس جي ڪري ملڪي معيشت تي اثر ضرور پيو آهي، هي جيڪا اوچتو اڀري آيل بدامني آهي اها انهي بيروزگاري جو ئي سبب آهي.سڄي سنڌ انهي بدامني ۾ وڪوڙيل آهي ڪي ضلعا اغوا جي وارداتن جو ڳڙهه بڻيل آهن ته ڪٿي اسٽريٽ ڪرائيم پنهنجي اوج تي آهي ته ڪٿي قتل جون وارداتون ٿي رهيون آهن ته ڪٿي وري قبائلي جهيڙن ۾ ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي رهيا آهن. ڪٿي گهرن مان چوريون معمول بڻيل آهن ته ڪٿي وري چاٻي چور سرگرم آهن جيڪي ڪنهن گهر گهٽي آڏو بيٺل ڪا موٽر سائيڪل نه ٿا ڇڏين، اها ڪا هڪ ضلعي ۾ ٿيندڙ وارداتن جي ڳالهه ناهي ڪجهه ضلعن کي ڇڏي اهي وارداتون هر ضلعي ۾ ٿي رهيون آهن ۽ ميڊيا روز جي بنياد تي ٿيندڙ انهن وارداتن جي گواهه آهي جڏهن ته انتظاميا وري اگهور ننڊ ۾ پيل آهي.ويجهي ماضي ۾ سنڌ انهي بدامني مان ڪنهن حد تائين پنهنجي جان آجي ڪرائي چڪي هئي وري انهي ۾ اوچتو واڌ سنڌ واسين کي پرشاني ۾ مبتلا ڪري رهي آهي.انهي واڌ جا ڪهڙا سبب آهن بيروزگاري ۽ مهانگائي ۾ واڌ انهن جو بنيادي ڪارڻ آهي يا سماجي ناانصافي ۽ اڻ برابري انهن ڏوهن کي وڌائي رهي آهي يا وري انتظامي مشينري پنهنجون ذميواريون صحيح نموني پوريون نه ڪري رهي آهي انهن تي سوچڻ ۽ انهن جو سبب ڳولڻ جي ذميواري سنڌ حڪومت ۽ امن امان لاءِ مقرر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس تي آهي .
اسان سمجهون ٿا ته بدامني جو ڪو به هڪ سبب نه هوندو آهي،پر جڏهن حڪمران ۽ انتظاميا نيڪ نيتي سان چاهين ته انهي بدامني کي ختم ڪري سگهن ٿا جنهن جو ويجهي ماضي ۾ سنڌ اندر ئي مثال موجود آهي جڏهن ڪنهن وقت ۾ شام جو روڊن تي نڪرڻ محال هوندو هو جڏهن وڏا شهر دهشتگردن ۽ ننڍا شهر ڌاڙيلن ۽ ڦورن حوالي هوندا هئا پوءِ حڪومت ۽ انتظاميا حرڪت ۾ آئي ۽ انهن ڏوهارين جي پاڙ پٽي ڇڏي، هي وري بدامني جو نئون سلسلو شروع ٿيو آهي تنهن ڪري حڪومت کي هاڻي سان ئي اک پٽڻ گهرجي جيئن ان کي اتي ئي ختم ڪجي، ايئن نه ٿئي ته بدامني جي وبا ڪورونا وائرس کان وڌيڪ خطرناڪ بڻجي شهرين جي جان مال عزت آبرو کي کائڻ لڳي .