بخشاپور (رپورٽ: مڪيش ڪريوال) بخشاپور ٿاڻي جي حد زورڳڙھ اسٽاپ لڳ انڊس هاءِ وي تي  هٿياربندن ٽرڪ مٿان فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽرڪ ڪلينر نازڪ حسين لاشاري زخمي ٿي پيو، جڏهن ته هٿياربند ڊرائيور ربنواز چنا کي اغوا ڪري کڻي ويا، اطلاع تي  بخشاپور پوليس پاران ڪچي طرف ويندڙ رستن تي ناڪا بندي ڪري ڇڏي،  مغوي ڊرائيور کي ڪچي طرف وٺي ويندڙ ڏوهارين سان گبلو ٿاڻي جي حد کاهي پُل ويجهو پوليس جو مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾  گبلو ٿاڻي جو پوليس اهلڪار ڳوٺ بقا محمد جکراڻي جو رهواسي روشن الدين پُٽ گل محمد جکراڻي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته پوليس ٽرڪ ڊرائيور ربنواز چنا کي بازياب ڪرائي ورتو، ٻي طرف هٿياربند فائرنگ ڪندا ڪچي طرف فرار ٿي ويا، ٻي طرف شهيد پوليس اهلڪار جو مڙهه ۽ زخمي ڪلينر کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،  هوڏانهن  شهيد پوليس اهلڪار روشن الدين جکراڻي جو مڙھ ضروري ڪارروائي بعد ڳوٺ بقا محمد جکراڻي ۾ آندو ويو، جتي شهيد اهلڪار کي پوليس سلامي ڏيڻ بعد جنازي نماز ادا ڪري شهيد اهلڪار جو مڙھ اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.  جنازي  نماز ۾ ايس ايس ڪشمور، ڊي ايس پي هيڊ ڪواٽر، ايس ايچ او بخشاپور,رينجرز  سميت علائقي واسن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.