بخشاپور(ن پ ) بخشاپور ويجهو آرڊي 109 ٿاڻي جي حد ڳوٺ يارو ديناري بگٽي ۾ 10 ڏينهن اڳ نلڪي تان پاڻي ڀرڻ جي معاملي تان قتل  ڪيل نوجوان محمد حنيف پُٽ صابر شيخ جي قتل ۾ ملوث جوابدار مورزادو مرهيٽو کي گشت دوران سُئي پل وٽان گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب جوابدار مورزادو کي گشت دوران گرفتار ڪيو آهي,گرفتار جوابدار قلم 302-114-148-149 ۾ گهربل هو،جڏهن ته مقتول حنيف شيخ جي ڀاءُ ياسين شيخ جي فرياد تي پنج جوابدارن مٿان قتل ڪيس داخل ڪيو ويو هو،جڏهن ته پوليس ڪيس ۾ گهربل وڌيڪ جوابدار ۽ قتل ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار هٿ ڪون ڪري سگهي آهي.