بخشاپور(ن پ ا) گبلو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي درياءُ پار سردار خاتون سندراڻي کي ماٽيلي پُٽ پنهنجي سئوٽ سان گڏجي ڪارنهن تهمت مڙهي گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش  درياءُ ۾ لوڙهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.گبلو ٿاڻي تي سرڪار پاران اي ايس آءِ محمد ايوب بلو جي فرياد تي سردار خاتون جو قتل ڪيس سندس ماٽيلي پُٽ نديم ولد محمد سندراڻي، سئوٽ عبدالمجيد ولد ڀورو سندراڻي مٿان گناهه نمبر 19/2022 قلم 302-311-34-201-ppc تحت داخل ڪيو ويو.فريادي موقف اختيار ڪيو ته نديم سندراڻي پنهنجي سئوٽ عبدالمجيد سان گڏجي ماٽيلي ماءُ سردار خاتون کي نواب سندراڻي نالي شخص سان ڪارنهن تهمت مڙهي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاش جي ثابتي لڪائڻ لاءِ رڪشا ريڙهي تي کڻي ٻيڙي ۾ وجهي درياءُ ۾ لوڙهيو آهي، لاش هٿ نه اچي سگهيو، جوابدار گهر خالي ڪري ويا آهن.هلندڙ مهيني دوران بخشاپور ٿاڻي جي حد ۾ جيوان خاتون گولو، مسمات وڪيلان خاتون جکراڻي ۽ گبلو ٿاڻي جي حد ۾ سردار خاتون کي مختلف الزامن هيٺ قتل ڪيو ويو آهي.ٽن عورتن جا قتل ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي.