بخشاپور (ن پ ا) گبلو ٿاڻي جي حد ڪچي  جي ڳوٺ پيارو سندراڻي ۾ جوابدار محمد سندراڻي پنهنجي ساٿين نور حسن، نثار، زين ۽ برڪت سان گڏجي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي گهرواري سردار خاتون کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو.گبلو پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته قتل جا اطلاع آهن، درياءُ جي هُن پار هجڻ ڪري وڃڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي پئي حد جي ڪنفرم ڪون آهي ته اسانجي حد آهي يا گهوٽڪي ضلعي جي اهم ذريعن موجب ته واقعو ڪچي جي علائقي پتڻ وٽ پيش اچڻ ڪري پوليس واقعي واري هنڌ وئي ئي ڪونهي ۽ لنوائي رهي آهي,جڏهن ته پوليس مقتولا ناري جو لاش هٿ ڪون ڪري سگهي آهي.