بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ويجهو ڳوٺ مشتاق بنگوار مان 17 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ڊرائيور جاويد پٺاڻ کي گبلو پوليس مبينا مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ڪچي ۾ مسلسل هلندڙ آپريشن دوران اغوا ڪار مغوي کي هڪ جاءِ تان ٻئي جاءِ تي منتقل ڪري رهيا هئا ته مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران مغوي کي بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته ڏوهاري ڪچي طرف فرار ٿي ويا، هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته مغوي جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن وسيلي ٿي آهي، واضح رهي ته 17 ڏينهن اڳ ڌاڙيل ٻن ڄڻن جاويد پٺاڻ ۽ شاد بنگوار کي اغوا ڪري ويا هيا، جن مان شاد بنگوار کي سخت تشدد ڪرڻ بعد مرڻينگ حالت ۾ ڇڏيو ويو هو، جڏهن ته ايڪسيويٽر ڊرائيور کي ڪالهه بازياب ڪرايو ويو.