ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران کوسو)  ڏيڍ مهينو اڳ بخشاپور جي شاهلي محلي مان اغوا ٿي ويل گل محمد ۽ ممتاز ملڪ جي بازيابي لاءِ عورتن پاران  ڪلام پاڪ کڻي پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مغوي گل محمد ملڪ جي ماءُ منظورا خاتون ۽ مغوي ممتاز ملڪ جي گهر واري زوليخا خاتون،عاشق علي، نادر علي ملڪ ۽ ٻين دانيهندي چيو ته ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود پوليس مغوي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي، سخت پريشان آهيون، نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي. ياد رهي ته ڌاڙيلن پاران ٻنهي مغوين ڪار ڊرائيور ممتاز ملڪ عرف پپو ملڪ ۽ گل محمد ملڪ جي آزادي لاءِ  30 لک ڀنگ وارثن کان طلب ڪيو. ڌاڙيلن پاران ڪجهه ڏينهن پهريان وڊيو وائرل ڪندي مغوين کي زنجيرن ۾ ٻڌل ڏيکاريو ويو هو، .ڌاڙيلن پاران وڊيو ۾ مغوي جي وارثن کان 30 لک ڀنگ طلب ڪيو هو ۽  ڀنگ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ کين قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون، ٻي طرف ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ زبير نظير شيخ ٻڌايو ته   هن وقت ضلعي ۾ 4 ڄڻا اغوا ٿيل آهن، هن ٻڌايو ته جيڪي مغوي بلوچستان ۾ رهن ٿا بلوچستان مان اغوا ٿين ٿا ته هتان جا انهن جا وارث ڪنڌڪوٽ مان اغوا ڄاڻائي پوليس کي پريشان ڪن ٿا، جلد مغوي بازياب ڪرايا ويندا.