ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وڏي ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري به عالمي وبا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي وئي آهي، بختاور ڀٽو زرداري سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ ٻڌايو آهي ته هن 2 اپريل تي ڪورونا ٽيسٽ ڪرايو جيڪو مثبت آيو آهي پر هاڻي مان تندرست ٿيندي پئي وڃا، عوام کي احتياط جي اپيل ڪندي هن چيو آهي ته ماڻهن کي ياد ڪرائڻ چاهيان ٿي ته جيڪڏهن ماڻهو ماسڪ ذريعي پنهنجو نڪ ناهي ڍڪيو ته ان جو ڌيان هن طرف ڇڪرايو، پاڻ به ڪورونا ويڪسين لڳرايو ۽ جيڪي پاڻ ويڪسين نٿا لڳرائي سگهن انهن جي به مدد ڪيو، الله اسان سڀني کي محفوظ رکي، آمين..