بحريه ٽائون ۾ ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو ويندو: صوبائي وزير ناصر شاهه/ سعيد غني

0
248

سنڌ حڪومت جي وزير ناصر شاهه ۽ سعويد غني بحريه ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيوآ هي ته احتجاج ڪرڻ جو سڀني کي حق آهي پر بدمعاشي ڪرڻ نه ڏني ويندي. ناصر شاهه چيو ته احتجاج ڪندڙن سان رابطو ڪيو ويو ۽ هنن پر امن احتجاج جو يقين ڏياريو هو پر بعد ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري باهه لڳائي وئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جائزي وٺڻ لاءِ موڪليو آهي، سنڌ حڪومت ٿيل نقصانن جو ازالو ڪندي، سنڌ جي وڏي وزير جاچ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته جڏهن ڳوٺاڻن سان بحريه جي سيڪيورٽي اهلڪارن بدسلوڪي ڪئي ته ڪارروائي ڪئي وئي. اسان ڳوٺاڻن جي عزت ڪيون ٿا، ڪنهن سان ناانصافي نه ڪئي ويندي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته بحريه ۾ 80 سيڪڙو سنڌي رهائش پذير آهن پر ڪجهه ماڻهو لسانيت ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪي ماڻهو هتي رهن ٿا اهي بي قصور آهن، سندن نقصانن جو ازالو ڪيو ويندو.