حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ بحريا ٽائون ڪراچي 2 منصوبي خلاف داخل درخواست تي بورڊ آف روينيو سميت ٻين کاتن جي عملدارن کي نوٽيس جاري ڪندي کين 16 مارچ تائين جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. حيدرآباد سان تعلق رکندڙ صلاح الدين وڪيل معرفت پٽيشن داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته ڄاڻايل زمين جي الاٽمينٽ دوران گهربل طريقيڪار تي عمل ناهي ڪيو ويو جڏهن ته مختلف سرڪاري ادارن کان منظوري به ناهي ورتي وئي ۽ ان زمين تي گهرو کاتو به اعتراض واري چڪو آهي. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. عدالت بحريا ٽائون جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته بحريا ٽائون 2 وٽ ڪيتري زمين آهي ۽ پلاٽ وڪرو ڪرڻ لاءِ اين او سي ورتي وئي هئي؟ وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته بحريا ٽائون جو وڪيل فاروق ايچ نائيڪ آهي جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي سبب پيش ناهي ٿيو. کين مهلت ڏني وڃي، عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته سرڪار بحريا کي ڪڏهن زمين ڏني هئي؟ جنهن تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کان مهلت طلب ڪندي کيس ايندڙ ٻڌڻي تي آگاهي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي. عدالت رمارڪس ڏنا ته بحريا ٽائون وٽ جيڪا زمين آهي ان جي انٽري ڪنهن جي نالي تي ٿيل آهي جنهن بابت کين ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيلي آگاهي ڏني وڃي.