بحريا ٽائون اسيرن جي ضمانت لاءِ درخواستن جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي

0
250

ڪراچي: بحريه ٽائون ڪيس ۾ عدالت جسقم چيئرمين صنعان قريشي،امجد مهيسر ۽ الاهي بخش بڪڪ سميت 147 قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون ٻن ڪيسن ۾ ضمانت لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻن ڪيسن 257 ۽ 259 ۾ پوليس پيپر نه هجڻ سبب ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي. عدالت جاچ آفيسرن کي سڀاڻي پيپر کڻي اچڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ، ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ چيو ته عدالتي وقت ختم ٿيڻ سبب ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آھي. واضع رھي ته عدالت ڪيس 258 ۾ صنعان قريشي سميت 147 ڄڻن جي ضمانت منظور ڪري چڪي آھي. سينٽرل جيل ۾ قائم ٿيل اي ٽي سي ٻاھران صنعان قريشي جو ڀاءُ ڪوثين ۽ ٻين ڪارڪنن جا وارث وڏي انگ ۾ موجود ھئا.