بحرانن مٿان بحران ۽ اسلام آباد ڏانهن مارچ

0
211
ملڪي سياست جا راز ۽ جمهوري نظام

 لڳاتار 20 ڏينهن جي ڪشمڪش جي صورتحال بعد   26 آڪٽوبر تي نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو وزيراعظم آفيس نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آھي،  اهڙي نوٽيفڪيشن بعد بظاهر ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري وارو مسئلو حل ٿي ويل محسوس ٿي رهيو آھي پر حقيقت ۾  26 آڪٽوبر تي وزير اعظم هائوس مان جاري ڪيل ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي نوٽيفڪيشن ٻين ڪيترن ئي سوالن کي به جنم ڏنو آھي ته ڪيتريون ئي شيون واضح به ڪيون آھن.

وزير اعظم عمران خان   ڊي جي آءِ ايس آءِ جي  عهدي تي ان ئي ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم کي مقرر ڪيو  آھي جنهن جو 6 آڪٽوبر تي ڊي جي آءِ ايس پي آر باضابطه طور تي مقرري جو اعلان ڪيو هو پر وزير اعظم جي منظوري سان جاري ڪيل 26 آڪٽوبر تي نوٽيفڪيشن تي عمل 20 نومبر کان ٿيندو مطلب ته موجوده ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد عهدي تي 19 نومبر تائين  رهندو.

سوال هي آھي ته وزير اعظم عمران خان پاڪ فوج پاران 6 آڪٽوبر تي ڪيل بدلين جي اعلان جي ويهن ڏينهن بعد فيصلو ڪرڻ باوجود ان اعلان تي عملدرآمد ۾ وڌيڪ 24 ڏينهن جو وقت ڇو  ڏنو آھي ؟ سوال هي به آھي ته جن به سببن ڪري وزير اعظم موجوده ڊي جي آءِ ايس آءِ کي وڌيڪ ڪجھه ڏينهن رکڻ گهري ٿو ڇا اهي مامرا ايندڙ  24 ڏينهن ۾ حل ٿي ويندا ؟ بحرحال ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري بابت

 26 آڪٽوبر تي جاري ڪيل اهڙي نوٽيفڪيشن کان اڳ وزير اعظم عمران خان سان آرمي چيف جي ملاقات ٿي آھي. ان حوالي سان پاڪ فوج جي ترجماني ڪندڙ اداري آءِ ايس پي آر  ته ڪو بيان جاري نه ڪيو آھي پر   وزير اعظم هائوس مان  باضابطه طور هڪ بيان ۽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي. هن حساس ترين مامري کي سمجهڻ لاءِ  نوٽيفڪيشن سان گڏ ان بيان جا تفصيل ڏيڻ ضروري آھي.

اوهان کي ٻڌايان ته وزير اعظم هائوس مان 26 آڪٽوبر تي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو آھي ته“ وزير اعظم جي منظوري سان ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم کي ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪجي ٿو،  نوٽيفڪيشن 20 نومبر کان لاڳو تصور ٿيندو، 19 نومبر 2021ع تائين ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي تي ڪم ڪندو ” اهڙي نوٽيفڪيشن بعد ان حوالي سان  وزيراعظم هائوس جي ترجمان  هڪ بيان به جاري ڪيو.

جاري ڪيل ان بيان ۾ چيو ويو آهي ته “ حتمي مشاورتي عمل لاءِ 26 آڪٽوبر تي وزيراعظم جي آرمي چيف سان ملاقات ٿي،وزيراعظم هائوس ۾  آرمي چيف ۽ وزير اعظم وچ ۾ ٿيل  ميٽنگ، آءِ ايس آءِ ۾ ڪمانڊ جي تبديلي ۽ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ مشاورتي عمل جو حصو هئي، نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي پراسيس دوران دفاع وزارت کان آفيسرن جي لسٽ وزيراعظم کي ملي، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي لاءِ لسٽ ۾ تجويز ڪيل سمورن آفيسرن کان وزيراعظم انٽرويو ڪيا،

حتمي مشاورتي عمل جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف وچ ۾ ڪالهه ملاقات ٿي، تفصيلي مشاورتي عمل کان پوءِ وزيراعظم ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم کي نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ طور مقرر ڪرڻ جي منطوري ڏئي ڇڏي آهي، نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ 20 نومبر 2021ع تي چارج سنڀاليندو”.وزير اعظم هائوس مان مٿي ڄاڻايل نوٽيفڪيشن ۽ بيان جا ڪيترائي مطلب ڪڍي تجزيو ڪري سگهجي ٿو پر مامرو حساس نوعيت جو آھي

ان ڪري ملڪي ميڊيا ان تي کليل طور  ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ کان پاسو ڪري رهي آھي پر ان هوندي به ان مامري تي بحث ته صحافتي حلقن ۾ به ٿي رهيا آھن ته اهو مامرو سياسي حلقن ۾ به بحث جو موضوع بڻيل آھي. ان مامري تي سوشل ميڊيا تي به بحث آھي ته عام ماڻهن جي ڪچهرين جو به اهو ئي مامرو موضوع بڻيل لڳي رهيو آھي. 6 آڪٽوبر تي جڏهن ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو اعلان ڪيو ويو هو ان وقت وزير اعظم عمران خان جي خصوصي معاون ۽ قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي چيف وهپ عامر ڏوگر ٽي وي ٽاڪ شو ۾ اهو چيو هو ته “ وزير اعظم موجوده ڊي جي آءِ ايس آءِ کي ڪجهھ مهينا عهدي تي رکڻ گهري ٿو ” عامر ڏوگر جي ڳالھه ته درست ثابت ٿي وئي آھي پر ان حوالي سان حڪومتي ترجمان فواد چوڌري پاران ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي پاڪ فوج پاران اعلان ٿيڻ بعد اهو بيان ته “ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ آئيني، قانوني طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو،

ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي تي مقرري وزير اعظم جو اختيار آھي” به درست ثابت ٿيو آھي، ڇو ته پاڪ فوج جي مقررين جي اعلان کانپوءِ  وزير اعظم عمران خان ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ۾ اهو عمل به اختيار ڪيو جيڪو ان کان اڳ ڪو به وزير اعظم نه ڪري سگهيو. ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو اهو عمل عهدي لاءِ نامزد ڪيل آفيسرن کان انٽرويوز ڪرڻ آھي،

جنهن جي وزير اعظم هائوس جي بيان ۾ تصديق ڪئي وئي آھي. پهريان جڏهن اهو مامرو ذريعن وٽان صحافين وٽ پهتو هو ۽ ان بابت صحافين وزير اعظم کان به پارليامينٽ جي راهدارين ۾ سوال ڪيو  هو ته وزير اعظم ته ان سوال تي مسڪرائي ڪاميٽي روم ۾ جواب ڏيڻ کانسواءِ هليو ويو هو پر سڌسماءَ جي وزير ان سوال کي سازش قرار ڏنو هو پر 26 آڪٽوبر تي وزير اعظم هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾  انٽرويوز جي تصديق ڪئي وئي آھي، جنهن سان اهو محسوس ڪرايو ويو آھي ته وزير اعظم پنهنجي اختيارن تي ڪو سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي. ماضي ۾ به تڏهوڪن وزير اعظمن ۽ پاڪ فوج جي تڏهوڪن سربراهن وچ ۾ اهڙين مقررين تي اختلاف ٿيا انهن اختلافن بعد ڪيتريون ئي حڪومتون گهرڀيڙو ٿيون پر هن ڀيري پاڪ فوج جي قيادت انتهائي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪري رهي آھي.

پاڪ فوج ۾ آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري اڳ به وزير اعظم جو اختيار هئي ۽ هاڻي به اهو اختيار وزير اعظم جو آھي، پهريان به اهو اختيار اڳوڻن وزير اعظمن استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي موجوده وزير اعظم به اهو اختيار استعمال ڪري رهيو آھي. هن حڪومت ۾ آرمي چيف جي مدت ۾ توسيع جي سمري ۾ غلطي سامهون اچڻ تي مامرو وڃي سپريم ڪورٽ تائين پهتو هو پوءِ سڀني کي ياد هوندو ته مامرن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پارليامينٽ کي منظور ڪرڻو پيو هو. ان وقت به آرمي چيف جي مدت ۾ توسيع جو مامرو ايئن ئي بحث جو موضوع بڻيو هو جيئن هن وقت ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري وارو مامرو بحث جو موضوع بڻيل آھي.

خير ڊي جي آءِ ايس آءِ طور ڪمان جي تبديلي لاءِ اڃان 20 نومبر تائين انتظار ڪرڻو پوندو. ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري واري مامري تي سول عسڪري قيادت جي سوچ ۾ سامهون آيل فرق  سمجهڻ لاءِ ڪافي آھي انهي مامري بعد به ڪنهن کي سول عسڪري قيادت هڪ پيج تي لڳن ٿيون ته اها انهن جي پنهنجي سوچ ٿي سگهي ٿي پر عسڪري مامرن تي گهري نظر رکندڙن جو خيال انهن کان بلڪل مختلف آھي. کين محسوس ٿي رهيو آھي ته ملڪ ۾ آيل مهانگائي جو طوفان ۽ موجوده معاشي حالتون انهي  مقرري جي مامري تي پيدا ٿيل اختلافن کان وڌيڪ بحراني صورتحال واريون آھن انهن حالتن مان نڪرڻ انتهائي مشڪل مامرو ٿيندو پيو وڃي.

ملڪي معاشي صورتحال ايتري ڳنڀير آھي جو  وزير اعظم جي دوري بعد سعودي عرب پاران پاڪستان لاءِ اعلانيل 4.2 ارب ڊالرن جي پيڪيج بعد به حڪومتي وزيرن جي چهرن تان خوشي گم ٿيل آھي. سعودي عرب اها رقم 3.2 سيڪڙو وياج تي ڏني آھي جنهن مان 3 ارب ڊالر اسٽيٽٽ بينڪ جي اڪائونٽ ۾ پيل رهندا، حڪومت انهن کي استعمال نه ڪري سگهندي، باقي 1.2 ارب ڊالر تيل جي خريداري ۾ مدد لاءِ فراهم ڪيا ويا آھن. پاڪستان جي معاشي صورتحال اهڙي نوعيت جي آھي جو سعودي کان صبح سوير ڇهين وڳي ڌاري 26 آڪٽوبر تي وزير اعظم ملڪ پهچڻ بعد پهريون رابطو چين جي صدر سان ڪيو آھي،

ان رابطي بعد چين وٽان ڪهڙي موٽ ملي ٿي جو ته ايندڙ ڏينهن ۾ معلوم ٿي ويندو،  معاشي بحران کانسواءِ هن حڪومت لاءِ ڪالعدم قرار ڏنل تحريڪ لبيڪ جو اسلام آباد طرف اعلانيل لانگ مارچ به وڏو چئلينج بڻيل نظر اچي رهيو آھي. گهرو مامرن جي وفاقي وزير جي سربراهي ۾ حڪومتي ٽيم ڪالعدم قرار ڏنل تحريڪ لبيڪ جي قيادت سان ڳالهيون ڪيون، بقول گهرو وزير شيخ رشيد جي ته ان ٽي ايل پي جي سربراهه سعد رضوي سان ٻه ڀيرا ملاقات ڪئي جيڪا جيل ۾ نه پر لاهور ۾ ٿي.

مونکي معلوم نه آھي ته ڪنهن وزير سان ملاقات لاءِ گرفتار ٿيل ڪنهن شخص کي ڪهڙي قانون تحت ٻاهر آڻي ملاقات ڪري سگهجي ٿي پر اهو ضرور معلوم آھي ته گهرو وزير شيخ رشيد ، مذهبي مامرن جي وزير نورالحق قادري سميت حڪومتي ٽيم وزير اعظم جي هدايت تي ٽي ايل پي سان ڳالهيون ڪري ان سان معاهدو ڪيو جنهن معاهدي بعد ٽي ايل پي مريدڪي ۾ مارچ کي روڪي ڇڏيو هو. حڪومت کي مطالبن جي مڃتا لاءِ اڱاري تائين جي مهلت ڏني هئي.

گهرو وزير پريس ڪانفرنس ڪري ٽي ايل پي تي داخل ڪيس ختم ڪرڻ ، گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرڻ جي اعلان سان گڏ فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ واري مامري کي قومي اسيمبلي ۾ کڻي وڃڻ ۽ اسپيڪر کي ان لاءِ ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي درخواست ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر 26 آڪٽوبر تي وزير اعظم عمران خان جڏهن سعودي کان موٽي آيو تڏهن ان جي صدارت  ۾ ٽي ايل پي جي مطالبن بابت اجلاس ٿيو اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير چيو ته ان حوالي سان سول عسڪري قيادت هڪ پيج تي آھي. ان هڪ پيج تي گڏيل فيصلو ڪيو ويو آھي ته فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ واري مطالبي کانسواءِ ٽي ايل پي جا ٻيا مطالبا قبول آھن.

  هي ڪالم لکڻ وقت ڪالھه شام دير تائين ٽي ايل پي مريدڪي کان اسلام آباد طرف مارچ شروع ڪري ڏنوهو جڏهن ته وفاقي حڪومت ڪنهن به صورت ۾ ٽي ايل پي جي مظاهرين کي روڪڻ جو فيصلو ڪيو آھي. اهڙي فيصلي بعد  ٽي ايل پي جي مظاهرين کي روڪڻ جي ڪوشش ۾ ڪالهه به جهڙپون ٿيون، هڪ وڌيڪ اهلڪار جي مارجڻ جا اطلاع آھن ان کان اڳ به گهرو وزير مطابق ٻه اهلڪار مارجي چڪا آھن. هن وقت صورتحال اها آھي  ٽي ايل پي هر صورت ۾ اسلام آباد مارچ ڪري اچڻ گهري ٿي ۽ حڪومت ڪنهن به صورت ۾ کين اسلام آباد اچڻ نٿي ڏيڻ چاهي. هي اها ئي ٽي ايل پي آھي جنهن ن ليگ جي حڪومت ۾ فيض آباد بند ڪيو هو. ن ليگ جي حڪومت ۾ تڏهوڪي قانون جي وزير زاهد حامد کي استعفي ڏيڻي پئي هئي.

ان وقت جي وزير اعظم نواز شريف،  خواجه آصف کي چهري تي مس هنئي وئي،  ان وقت جي گهرو وزير احسن اقبال کي  گوليون هڻي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان وقت ٽي ايل پي جي احتجاج جي عمران خان جي پارٽي  مخالفت نه پئي ڪئي. هاڻ حالتن ڦيرو کاڌو آھي، ساڳي صورتحال عمران خان جي حڪومت جي سامهون آهي.

ن ليگ جي دور ۾ ٽي ايل پي  ڪارڪنن کي احتجاج ختم ڪرڻ جي اعلان بعد جن پيسا ڏنا  اهي منظر به ڪنهن کان نه وسريا آھن. ٽي ايل پي جو مارچ اسلام آباد پهچندو يا نه حالتون ڪهڙو رخ ڪنديون بابت ڪو به اڳڪٿي  نٿو ڪري سگهي پر ٽي ايل پي جي مارچ ڪري هڪ ڀيرو وري حڪومت راولپنڊي اسلام آباد جي اهم روڊ رستن تي ڪنٽينر لڳائي انهن کي بند ڪري ڇڏيو آھي، جيڪو عمل راولپنڊي اسلام آباد ۾ رهندڙ لکين ماڻهن جي زندگي مشڪل بنائي رهيو آھي.